سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي گذريل سال 30 ڊسمبر تي لاوي پوره سرينگر ۾ ڀارتي فوجين هٿان جعلي مقابلي ۾ شهيد ٿيل هڪ ڪشميري نوجوان جي ميت ڪٽنب ڀاتين حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ تي نوجوان جي والد خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي ڀارتي قابض انتظاميا کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پلوامه سان تعلق رکندڙ اطهر مشتاق واني جي والد مشتاق احمد واني انهن ست ڪشميرين ۾ شامل آهي جن تي ڀارتي پوليس غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام جو ڪارو قانون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ پوليس آفيسر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ تصديق ڪئي آهي ته پنهنجي پٽ جي ميت هن حوالي ڪرڻ جي مطالبي جي حق ۾ جمعي تي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ تي مشتاق احمد واني خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. محبوبه مفتي ٽوئٽر تي جاري پيغام ۾ چيو ته هڪ جعلي مقابلي ۾ پنهنجي پٽ جي شهادت کانپوءِ سندس ميت گهرڻ تي مشتاق واني خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
165