ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ ڪنهن جي ڪالوني ڪونهي پر هزارين سالن کان هڪ تاريخي وطن آهي، ڌاري آبادڪاري سان سنڌ جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جو اجلاس پارٽي صدر سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر پير خليل جان سرهندي، اعجاز سامٽيو، جگديش آهوجا، ڊاڪٽر مشتاق احمد شيخ، روشن علي ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، مختيار احمد ميمڻ ۽ مخدوم شمس شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تنظيمي ۽ سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پاران ڪشميرين کي سنڌ اندر مستقل آباد ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ اندر پھريان ئي ڌارين جي آبادڪاري ڪري سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ٿي رهي آهي، ٻئي پاسي، سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ ڪنهن جي ڪالوني ڪونهي پر هزارين سالن کان هڪ تاريخي وطن آهي، ڌاري آبادڪاري سان سنڌ جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو . سيد جلال محمود شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ڪراچي ۾ ته قبضن خلاف قانوني ڪارروائي ٿي رهي آهي پر سموري ڄامشورو ضلعي ۾ پارڪن، اسڪولن ۽ سرڪاري زمينن ۽ ڊرينيج نالن تي قبضا جاري آهن، سپريم ڪورٽ کي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ٿيل قبضن خلاف تحرڪ وٺڻ گهرجي. اجلاس ۾ ملڪ، خصوصن سنڌ اندر وڌندڙ مهانگائي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته هر مهيني پئٽرول جي وڌندڙ اگهن ۽ مهانگائي سبب عوام جي قوت خريد ختم ٿي رهي آهي، جنهن سبب بک ۽ بدحاليءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن تي فوري طور ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي.
173