واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن تصديق ڪئي آهي ته ايران جيستائين ايٽمي معاهدي جي شرطن جي پابندي نه ڪندو ان وقت تائين ان خلاف لڳايل پابنديون ختم نه ڪيون وينديون. عالمي خابرو اداري مطابق هن سي بي ايس کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ آمريڪا ايران سان ڳالهين جي ميز تي واپس اچڻ تي راضپو ڏيکارڻ جي حوالي سان ان خلاف پهريان لڳايل پابنديون ختم ڪرڻ جي سوال تي واضح انداز ۾ انڪار ۾ جواب ڏنو. هڪ سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن ايران پهريان يورينيم جو رچاءُ روڪي ڇڏي ٿو ته ان تي پابنديون هٽايون وينديون جنهن تي آمريڪي صدر جوبائيڊن هاڪاري ۾ جواب ڏنو. اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ طرفان 2018ع ۾ آمريڪا کي 2015ع جي ايٽمي معاهدي کان ڌار ٿين کانپوءِ ايران ايٽمي معاهدي جي پاسداري ختم ڪئي هئي.
167