اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان آئين ۽ قانون موجب آهي، ڪجهه پرڏيهي قوتون افغان ڌرتي کي استعمال ڪري پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن. پي ڊي ايم جي احتجاجي سياست جي حوالي سان اهم بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان آئين ۽ قانون موجب آهي، هو واضح ڪري چڪو آهي ته پاڪ فوج پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو بلڪل درست چئي رهيو آهي ته سندن ذميوارين ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته 14 نومبر 2020ع تي اسان دنيا آڏو جيڪو ڊوزيئر رکيو ان ۾ انهن قوتن جي حوالي سان ناقابل ترديد شاهديون موجود آهن جيڪي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿيون. ڪجهه پرڏيهي قوتون اهڙيون آهن جيڪي افغان ڌرتي کي استعمال ڪري پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي مانيٽرنگ ٽيم جي رپورٽ پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. اي يو ڊس انفوليب جي هاڻوڪي رپورٽ ڀارت کي پوري ريت بي نقاب ڪيو آهي. افغان امن عمل هڪ نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جڏهن ته اولهندي سرحد تي بار بار لائين آف ڪنٽرول جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن. اسان جي چيڪ پوسٽن، جوانن ۽ عام شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن وقت ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو نروار ٿي چڪو آهي، جيڪي قوتون اهڙين حالتن ۾ ملڪ ۾ انتشار پکيڙي رهيون آهن اهي پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ناهن ڪري رهيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته مظفر آباد ۾ بيهي ڪري جلسن ۾ اهو چوڻ ته ڪشمير جو سودو ڪيو ويو آهي، اها ڪيڏي غير ذميواراڻي گفتگو آهي. پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ جو فائدو ڀارت کي ٿيندو. پي ڊي ايم پاڪستان جي مفادن کي ڏسي. هن چيو ته اسان اسپيڪر جي سربراهي ۾ پي ڊي ايم سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون. مخالف ڌر ڄاڻي واڻي ادارن ۽ شخصيتن کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ شاهديون آهن ته سامهون آنديون وڃن قياس آرائين جي بنيادن تي ادارن جي توهين پاڪستان جي بيانئي ۽ ملڪي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي.
