172

صوماليا ۾ بم ڌماڪو، سينيئر انٽيليجنس آفيسر سوڌو 13 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

موغاديشو (ويب ڊيسڪ) صوماليه جي صوبي جلمدج ۾ روڊ ڪناري نصب ٿيل بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ سينئر انٽيليجنس آفيسر سميت 13 سيڪيورٽي آفيسر اجل جو شڪار ٿي ويا. ميڊيا رپورٽن مطابق فوج جي هڪ اعليٰ آفيسر ٻڌايو ته روڊ ڪناري نصب ٿيل بم ڌماڪو جلمدج جي رياست جي علاقائي انٽيليجنس يونٽ جي قافلي جي گاڏي کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو. جيڪو قافلو هڪ ٻئي ويجهي علائقي ڏانهن وڃي رهيو هو جتي صوماليه ۾ چونڊن ۾ ٿيندڙ دير جي مسئلي تي سياستدانن وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻيون هيون. صوماليه جي صدر محمد عبدالحيي محمد جي صدارتي مدي جي پڄاڻي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڇنڇر ڏينهن ٿيل اهي ڳالهيون بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿيون هيون. واضح رهي ته حملي جي ذميواري شدت پسند اسلامي گروپ الشباب قبول ڪري ورتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو