161

پي ڊي ايم طرفان اڄ حيدرآباد ۾ سياسي پاور شو، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندا، تياريون مڪمل

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ اڄ پي ڊي ايم جو پاور شو ٿيندو، سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون، سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا، حيدرآباد جي علائقي هٽڙي باءِ پاس وٽ جلسو ٿيندو، جلسي لاءِ وڏو پنڊال تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 120 فوٽ ڊگهو ۽ 32 فوٽ ڪشادو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي، جلسي گاهه کي قناطن ۽ ڪنڊيدار تارن سان بند ڪيو ويو، هزارين ڪرسيون پڻ لڳايون ويون آهن، جلسي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن ۽ مرڪزي اڳواڻن پنڊال ۾ پهچي انتظامن جو جائزو ورتو، جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين مقامي اڳواڻن پڻ جلسي گاهه جو دورو ڪيو ۽ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني، جلسي ۾ ميڊيا لاءِ الڳ گيلري قائم ڪئي وئي آهي، ڪئميرامينن لاءِ اسٽيج پڻ الڳ تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گاڏين جي پارڪنگ جو پڻ الڳ انتظام ڪيو ويو آهي، پي ڊي ايم جلسي کي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، جڏهن ته مسلم ليگ(ن) جا اڳواڻ پڻ شرڪت ڪندا، هوڏانهن حيدرآباد، ڄامشورو، ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي جي شهرن ۾ استقبال جون ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي سڄو ڏينهن پارٽي جا گيت هلايا پيا وڃن، جن تي جيالن پاران جهمريون هنيون ويون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو