142

سعودي فوجي وفد کي ويزا کانسواءِ اچڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي روڪيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب نيشنل آرمي جو 4 رڪني وفد ويزا کانسواءِ پاڪستان پهچي ويو آهي. رپورٽن مطابق ايف آءِ اي اميگريشن اسلام آباد ايئرپورٽ تي وفد ميمبرن کي ويزا کانسواءِ اچڻ تي روڪي ورتو، چار ئي ميمبر سعودي ايئر لائين جي اڏام نمبر ايس وي 724 ذريعي نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتا. ويزا نه هجڻ تي اميگريشن عملدار سعودي سفارتخاني کي اطلاع ڏنو ته سعودي سفارتخاني جي ملٽري اتاشي ايئرپورٽ تي پهچي آن آرائيول ويزا جاري ڪرايا. ويزا جاري ٿيڻ ۽ اميگريشن ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ چار ئي ميمبر سعودي سفارتخاني جي عملدارن سان گڏ اسلام آباد روانا ٿي ويا. ميمبرن ۾ ابوالخيال عبدالله، محمد سعد الجامي، احمد شاهون النطيري، ضلاڪ سليم المعطري شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو