اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته 26 مارچ کان اڳ ۾ ئي حڪومت مخالف ڌر سان رابطا ڪري لانگ مارچ روڪرائي ڇڏيندي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن بابت ترميم تي گذريل ڪيتري ئي وقت کان بحث هلندڙ هو، جيڪڏهن مخالف ڌر چوندي ته اسان سينيٽ چيئرمين جي چونڊ به اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائي سگهون ٿا.
