اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نااهلي ڪيس ۾ بار بار التوا گهرڻ تي وفاقي وزير فيصل واوڊا تي 50 هزار ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ اليڪشن ڪميشن ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن ايندڙ ٻڌڻي تي فيصل واوڊا کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي جي سلسلي ۾ فيصل واوڊا جو وڪيل محمد بن محسن ڪميشن آڏو پيش نه ٿيو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ڪيس جي بار بار التوا تي فيصل واوڊا تي 50 هزار ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا جي وڪيل پاران التوا جي درخواست تي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو ۽ ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
