152

حيدرآباد ۾ وڌندڙ بدامني کي ڪير روڪيندو…؟؟

ليکڪ: ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چوري ۽ ڦر جون خبرون اڄڪلهه معمول ٿي چُڪيون آهن، اڳ جڏهن ڪنهن شهر يا علائقي ۾ اِهڙي قسم جي واردات ٿيندي هئي ته ان کي ننديو ويندو هو ۽ انتظاميا ۾ به ٿرٿلو متل هوندو هو، پر اڄ خبر نه آهي ته ڇو بدامني ڄڻ ته رواج بڻجي وئي آهي، صبح جو اخبارون کولي پڙهبيون ته اڌ کان وڌيڪ خبرون بدامني جون هونديون، ڪجهه وقت اڳ بدامني تي ڪجهه ڪنٽرول ٿيو هو ۽ شهري توڙي ٻهراڙي جي ماڻهن وقتي سڪون ۽ آرام محسوس ڪيو هو، پر هو آرام هاڻ ختم ٿي ويو آهي ۽ اهڙي باهه سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ به ٻيهر ڀڙڪي پئي آهي، چئني طرفن کان وڏي آبادي تي ٻڌل حيدرآباد جا نه رڳو شهري علائقا پر لاڳاپيل ٻهراڙي جا ڳوٺ ۽ وسنديون به بدامني سبب سخت متاثر ٿي رهيون آهن، اڄ جڏهن به شهر کان ٻاهر وڃڻ ٿئي ٿو ته هر ماڻهو جي منهن مان جيڪو مهانگائي وارو مهڻو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ان سان گڏ بدامني جو به اضافو ٿيو آهي ۽ اهڙيون خبرون ٻڌون ٿا جو لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، گذريل زماني ۾ چور به عجب قسم جون چوريون ۽ ڦرون ڪندا هئا، وڏڙا ٻڌائيندا هئا ته جڏهن چور چوري جي نيت سان وٿاڻ يا مال جي واڙي ۾ داخلا ٿيندو هو ته ان وٿاڻ ۾ جيڪڏهن قرآن پاڪ تي نظر پوندي يا وري ڪا عورت آرامي هوندي هئي ته اتي چور چوري ڪرڻ بدران توبهه ڪري ٻاهر نڪري ويندا هئا ۽ ان قرآن پاڪ مٿان ڪجهه پئسا مٺائي طور به رکي ويندا هئا، پر اڄ جي چور وٽ نه نياڻي جو ڀرم آهي ۽ نه پاڪ ڪتاب جو، ٻيو ته ٺهيو پر اڄ جا ڦورو ڏينهن ڏٺي جو هٿيارن جي زور تي عورتن کي روڪي سونا زيور، روڪ رقم ۽ موبائل فونون ڦرڻ کي فيشن ۽ پنهنجي بهادري سمجهن ٿا، عام طور تي اهڙا واقعا نه رڳو شهري علائقن پر سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان روزاني جي بنيادن تي رپورٽ ٿين ٿا ۽ گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن اهڙن واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ٿڌين واري شهر حيدرآباد ۾ به بدامني جي باهه پکڙيل آهي، خبرن موجب هڪ مهيني اندر حيدرآباد ۾ 7 ڪروڙ رپين کان مٿي جا ڌاڙا، چوريون ۽ ڦرون ڪيون ويون آهن، جيڪي مختلف علائقن يعني حيدرآباد شهر، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ ٻين علائقن مان ٿيون آهن ۽ اهڙن واقعن ۾ گهرن اندر گهڙي ڦر ڪرڻ، شورومن جا تالا ٽوڙي ڏوڪڙ چورائڻ، موبائل فونون کسڻ، دڪانن تان ڦر ۽ چوريون شامل آهن ۽ اهڙين ڦرن ۾ جتي عام شهري متاثر ٿيا آهن، اتي قلمي پورهيو ڪندڙ حيدرآباد جا 3 صحافي به متاثرن ۾ شامل آهن، مسلسل اهڙين وارداتن بعد مختلف ٿاڻن جي پوليس ڏوهه روڪڻ ۽ چوريون واپس ڪرائڻ ۾ به ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ عملدارن رڳو ڪجهه ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز بدلي ڪري لائين حاضر ڪيا آهن، پر وارداتون جيئن جو تيئن ٿي رهيون آهن، هوائن سان گڏ امن جو شهر سڏرائيندڙ حيدرآباد ۾ اهڙين وارداتن بعد شهرين اڪثر ڪري رات جي وقت خريداري ڪرڻ يا اي ٽي ايم تان پئسا ڪڍرائڻ يا وري پنهنجن ڪٽنبن سان آئوٽنگ ڪرڻ گهٽائي ڇڏي آهي ۽ اها ڄڻ ته حيدرآباد جي رونق ختم ڪرڻ جي سازش آهي، ڇو ته ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد اهڙو شهر آهي جتي راتين جو ماڻهو پنهنجن ٻچڙن سان گڏ آئوٽنگ لاءِ نڪرندا آهن، ڪي ماڻهو شاپنگ ڪندا آهن ته ڪي وري هوٽلنگ جو مزو وٺندا آهن پر بدامني اهو سڀ ڪجهه کسي رهي آهي، حيدرآباد جي سڃاڻپ کسڻ جي ان ڪوشش کي روڪڻ ضروري آهي. خود حيدراباد جي ايس ايس پي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن وڏي شهر ۾ مڪمل امن ڪرائڻ ايترو آسان نه آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته ضلعي جو پوليس آفيسر به اهڙي بدامني روڪڻ لاءِ پنهنجن لفظن ۾ لاچاري ڏيکاري ٿو، اسان مڃون ٿا ته گند کي صاف ڪرڻ آسان نه آهي پر ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته صاف سٿري معاشري لاءِ گند جو صاف هجڻ ضروري آهي، ڇو ته جيڪڏهن اهڙي گندگي وڌندي رهي ته ماڻهو مجبور ٿي پوليس خلاف ٻاهر نڪري ايندا ۽ اهڙو عمل يقينن انتهائي خطرناڪ هوندو، ان ڪري آئون اهو سمجهان ٿو ته جيڪڏهن پوليس نيڪ نيتي سان پنهنجو ڪم ڪري ته بدامني تي ٻنجو اچي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو