167

انڊيا جي هارين جي تحريڪ….

ليکڪ: وسعت الله خان

انڊيا  جي هارين جي تحريڪ ۽ پاڪستاني سينيٽ جي مجوزه چونڊن ۾ ڪهڙيون شيون هڪجهڙيون آهن، اهو ڄاڻڻ کان اڳ ٻطرفي نفسيات سمجهڻ جي ضرورت آهي، مودي حڪومت زرعي شعبي ۾ نجي سرمائيڪاري وڌائڻ چاهي ٿي ۽ زرعي شين کي کليل منڊي جي طلب ۽ رسد جي اصول تي پاڻمرادو ريگيوليٽ ٿيڻ جي آزادي ڏيڻ چاهي ٿي، ان بابت جيڪي 3 قانون لاڳو ڪيا ويا آهن، انهن جي باري ۾ حڪومت چوي ٿي ته هاڻ آبادگار پنهنجي مرضي سان حڪومت ۽ نجي خريدارن سميت جنهن کي چاهين پنهنجي پيداوار وڪرو ڪري خوشحال ٿي ويندا، پر آبادگار جيئن ته سرڪار جيترا عقلمند نه آهن، ان ڪري اهي سمجهن ٿا ته انهن قانونن جو مقصد صحتمند اصلاحن کان وڌيڪ زراعت کي نجي ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ ڪارٽيل جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏڻ آهي، آبادگار خوشحال ته خير ڇا ٿيندا، سندن موجوده حالت به شاهوڪار جي رحم ۽ ڪرم تي ٿي ويندي ۽ سرمائيدار ان محتاجي جو ڀرپور فائدو جنهن کي بليڪ اينڊ وائيٽ فلمن ۾ مکيه، بنيا ۽ زميندار کڻندو هو، يعني هاري جديد جاگيرداري نظام جا غلام بڻايا ويندا، ايستائين ته ٺيڪ آهي پر گڙبڙ تڏهن شروع ٿئي ٿي جڏهن حڪومت هارين جي ٻڌڻ کانسواءِ پهريان قانون مڙهي ڇڏي ۽ پوءِ ضد تي اچي وڃي ته ڀلي ڪجهه به ٿي پوي اسان توهان کي انهن قانونن تحت خوشحال بڻائي ئي دم پٽينداسين، اوهان نادان پينڊو آهيو پنهنجو سٺو ۽ خراب نٿا سمجهو، رياست توهان جي مائي باپ آهي ۽ اها توهان لاءِ ڪيئن خراب سوچي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن اهي هاري منهنجي نسل جي سعادت مند ٻار هجن ها ته مائي باپ کين ماري ڪٽي ڪڏهن جو سڌو ڪري ڇڏي ها پر اهي نئين نسل جا وات ڦاڙ ٻار آهن جيڪي مارڪٽ بدران دليل ۽ مباحثي سان قائم ٿيڻ تي يقين رکن ٿا، اهي وڌيڪ بدزن ٿي وڃن ٿا جيڪڏهن والدين جي کاٻي هٿ ۾ کير جو پيالو ۽ ساڄي هٿ ۾ ڏنڊو هجي، انهن ٻارن جي سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن کي ڇو چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن کير نه پيتو ته اوهان جي تشريف ڳاڙهي ڪئي ويندي. ٻار فوري طور تي سوچي ٿو ته کير ۾ ڪٿي ڪا ننڊ جي دوا ته نه ملائي وئي آهي؟ ڇو ته اسان جهڙن سماجن ۾ رياست خاص ڪري بنا مطلب جي ڪڏهن به جنتا مهربان نه ٿيندي آهي، ان ڪري جڏهن رياست ڪنهن خاص معاملي ۾ ماءُ کان وڌيڪ چاهت ڏيکاري ٿي ته اها ڦاپا ڪٽني چورائي ٿي، ان ڪري ان طرح جا فلمي جملا ڪروڙين ماڻهن کي ياد رهجي وڃن ٿا ته ٿڦڙ کان نه پر پيار کان خوف ٿئي ٿو صاحب! ۽ ان لاءِ ان طرح جا شعر به مشهور ٿي ويندا آهن ته

عزیز اتنا ہی رکھو کہ جی سنبھل جائے

اب اس قدر بھی نہ چاہو کہ دم نکل جائے ( عبید اللہ علیم )

جيتري ڳڻتي مودي حڪومت کي هارين جو مستقبل روشن ڪرڻ جي آهي، لڳ ڀڳ ايترو ئي فڪر عمران حڪومت سينيٽ جي ووٽنگ شفاف ڪرڻ جو آهي، اصولي طور تي هارين جي خوشحالي وانگر جمهوري شفافيت جو به ڪو مخالف نه آهي، پر ڳالهه تڏهن بگڙجي ٿي جڏهن معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي سميت ٻين اهم معاملن کي سلجهائڻ ۾ ايتري جلدي نظر نٿي اچي، جيتريون ڦڙتيون سينيٽ جو قبلو درست ڪرڻ لاءِ ڏيکاريون وڃن ٿيون ۽ اهي به پولنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ، ان سرڪاري ڀڄ ڊڪ جي نتيجي ۾ فرقه شڪيه جا ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا، ته نيٺ اهڙي ڪهڙي قيامت ڪري پئي آهي، جو سرڪار هڪ طرف ته سينيٽ ۾ کليل ووٽنگ جو آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ کڻي آئي، جيتوڻيڪ حڪومت چڱي طرح ڄاڻي ٿي ته هن وقت مخالف ڌر سان ان جا لاڳاپا جنهن پاتال ۾ آهن، انهن جي هوندي آئيني ترميم لاءِ گهربل ٻه ڏهائي ٽي اڪثريت جو انتظام تقريبن ناممڪن آهي. گڏوگڏ سرڪار ان معاملي تي رولنگ گهرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪائي ڇڏيو آهي، بي صبري جي انتها اها ته عدالتي راءِ جو انتظار ڪرڻ بنا راتورات هڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي کليل ووٽنگ جو هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مطلب ته هڪ شفاف اصلاحي عمل کي عمران حڪومت پنهنجي مثالي “فهم ۽ فراست“ سان جليبيءَ وانگر سڌو ڪري ڇڏيو ته ڇا واقع حڪومت سينيٽ کي چونڊن جي منڊي بڻجڻ روڪڻ چاهي ٿي؟ ان جو جواب به حڪومتي وزيرن پاڻ ئي ڏئي ڇڏيو آهي ته اسان دراصل قوم کي اهو ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته ڪير سينيٽ جي چونڊن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جو حامي آهي ۽ ڪير ان روايت کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، مطلب ته ان مشق جو مطلب اصلاح کان وڌيڪ مقابلي واري کي ذليل ۽ رسوا ڪرڻ آهي.

مورل آف دي اسٽوري: جهڙي طرح مودي سرڪار زراعت کي نجي شعبي لاءِ کولي هارين کي جبري طور خوشحال بڻائڻ چاهي ٿي، اهڙي طرح عمران حڪومت مخالف ڌر جو نڪ چونڊ عمل جي شيشي تي رڳڙائي ان کي چمڪائڻ چاهي ٿي، پشتو جي مثالي چوڻي آهي ته”نرميءَ سان تون مون کي جهنم ۾ ڌڪي سگهين ٿو، پر زبردستي جنت ۾ به نٿو وڃي سگهين“.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو