ليکڪ: طفيل مگسي
سلطنت عثمانيا روس جي بليڪ سي جي بندرگاهن تي بمباري ڪرڻ شروع ڪئي.ڪريميا بليڪ سي ۾ آھي ۽ ڪريميا جو هڪ وڏو شھر سيوا اسٽوپول هو، جيڪو روس جو هڪ خاص سامونڊي اڏو هو. سيوا اسٽوپول ۾ ھڪ ٻيو شھر اوڊيسيا هو، سلطنت عثمانيا انهن علائقن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا، حجاز مقدس سعودي عرب جو پراڻو نالو آھي، اهو خلافت عثمانيا لاءِ نهايت ئي اهم هو ۽ ان جي رستي سولائي سان برطانيا سان جنگ وڙھي پئي سگهيا، پر بدقسمتي سان ”ورهاست ڪريو ۽ ڪمزور ڪريو“ جي پاليسي استعمال ڪندي مسلمان هڪ ٻئي سان وڙھڻ لڳا، هتي ابن سعود جنگ جي صورتحال مان فائدو وٺي برطانيا جي مدد سان سلطنت عثمانيا جي خلاف جنگ شروع ڪئي، ابن سعود ڪافي علائقن تي قبضو ڪرڻ به شروع ڪيو.بعد ۾ حجاز بحري جنگ مقدس جو نالو تبديل ڪري سعودي عرب رکيو ويو. اتحادي فوجين جو قبضو گيليو تي حملو: اهو ترڪي جو هڪ شُھر جنهن تي اتحادي فورس حملو ڪيو.پر عثماني سلطنت انهن کي اڃا تائين سڀ کان ڀرپور جواب ڏنو، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا اڄ به گيليولي جو ڏينهن ڏک سان ملهائيندا آھن. جرمني آبدوزون جن کي boats جو نالو ڏنو ويو، جرمني پهريون ڀيرو سب ميرين يعني آبدوزن جو استعمال ڪيو ۽ آبدوز کي دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن جنگ ۾ استعمال ڪيو ويو. اهي آبدوزون اڳ ۾ دشمنن جي بحري جهازن تي حملا ڪنديون هيون ۽ بعد ۾ سويلين يعني مسافرن سان ڀريل ٻيڙن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو. اهي مسافر جهاز اهڙا هئا، جيڪي آمريڪا کان يورپ ۽ يورپ کان آمريڪا ايندا ويندا هئا.ان ۾ ھڪ واقعو پيش آيو، اها هئي آمريڪي مسافرن سان ڀريل ٻيڙي جنهن جو نالو لوسانيا هو، اهي يورپ کان آمريڪا واپس اچي رهيا هئا ته جرمني جي آبدوزن انهن تي حملو ڪري ڏنو ۽ سمنڊ اوقيانوس ۾ 1200آمريڪي موت جو کاڄ بڻجي ويا، انهيءَ ڪري هڪ اهو پڻ سبب هو ته آمريڪا 1917ع پهرين جنگ عظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي، ان وقت آمريڪي صدر ووڊرو ولسن 1914ع ۾ جنگ جو حصو نه بڻجڻ تي زور ڏئي رهيو هو ته اها اسان جي جنگ ناهي پر ان واقعي سبب کان آمريڪا ان جنگ ۾ ڪاهي پيو ۽ برطانيا جو ٻانهن ٻيلي ٿيو. اصل ۾ اهو هڪ بهانو هو ته جيئن ماڻھن جي حمايت حاصل ٿي وڃي، جهڙي ريت9/ 11کي بهانو بڻائي هن افغانستان تي حملو ڪيو، آمريڪي ڪانگريس هڪ قرارداد منظور ڪئي ته اها يورپ ۾ جنگ جو حصو نه بڻبي ۽ غير جانبدار رهندي، پر ان وقت جنگ جي دوران آمريڪا ٻنهي پاسي هٿيار،کاڌ خوراڪ وڪرو ڪندو رهيو، ان ڪري حقيقت ۾ اها جنگ امريڪا جي لاءِ ھڪ مارڪيٽ جيان هئي، جتي آمريڪا پنهنجا هٿيار وڪرو ڪرڻ ۾ مصروف هو، سرمائيداراڻو نظام ۽ ملڪ سدائين پنهنجي فائدي جو سوچيندا آھن، چاهي سندن سوچ جي ڪري معصوم انسانيت جو قتل عام ڇو نه ٿئي. روس الائيڊ پاور جو اتحادي هو.پر 1917ع فيبروري جي مهيني ۾ روس ۾ انقلاب آيو.زار نڪولس ٻھ جو تختو اونڌو ڪيو ويو.هتي وقتي حڪومت ٺاھي وئي.جيڪا 7 مهينن کان وڌيڪ نه هلي سگهي.آڪٽوبر ۾ بالشويڪ پارٽي جنهن جو اڳواڻ لينن هو.جنهن روس ۾ انقلاب آندو هو.اقتدار ۾ آئي.لينن جنگ جي خلاف هو ۽ ھن جرمني سان امن معاهدو ڪيو.اها جرمني جي لاء ھڪ نهايت بهترين خبر هئي.ڇوت اوڀرين سرحد کان هن پنهنجيون سموريون فوجون گهرائي ورتيون ۽ پنهنجو سمورو ڌيان اولهندي سرحدن تي ڏنو.1918ع سمفين اتحادي طاقتن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ جرمني هئي.انهن پنهنجو سمورو ڌيان جرمني کي تباهه ڪرڻ تي ڏنو ۽ ھڪ ٻيو سبب هي آھي ته جرمني اتحادي طاقتن جي ڪافي علائقن تي قبضو ڪري ورتو هو.ان ڪري انهن علائقن کي واپس ڪرڻ ۽ جرمني کي شڪست ڏيڻ تمام ضروري هو.هر ڏينهن الائيڊ پاور ۾ وڌارو ٿي رهيو هو.هرڏينهن آمريڪا جا نوان سپاهي جنگ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا هئا.11 نومبر جو صبح جو يارهين وڳي هڪ armistice جيان هڪ معاهدو ٿئي ٿو.يعني وقتي جنگ بندي.اهو armistice ان باري ۾ ھو ته هينئر جڏھن ته جنگ بندي ٿي چڪي آھي ته ٻيهر سرحدون ڪيئن هونديون ۽ ڪيتري رقم ادا ڪئي ويندي.ان جو فيصلو امن معاهدي جي ذريعي ڪيو ويندو.ان تي ڇهن مهينن تائين ڳالھه ٻولهھ کانپوءِ صحيحون ٿيون.اهو معاهدو پيس آف ورسليس ۾ ٿيو.اها محل پيرس جي ڀرسان آھي.جيڪو فرانسيسي شھنشاھ جو پراڻو محل آھي. ورسلس ٺاهه تحت جيڪي نقطا سامهون آيا تن ۾ سينٽرل پاور خاص طور تي جرمني تي جنگ ڇيڙڻ جو الزام.هنيو.مطلب جنگ عظيم جرمني جي سبب ٿي.اسان اڳ ۾ ئي اهو ذڪر ڪري چڪا آھيون ته هر ملڪ دنيا ۽ ان جي وسيلن تي ڪنٽرول ڪرڻ پئي چاهيو.انهيءَ ڪري جنگ ۾ ھر ملڪ ڏوهاري هو. جرمني ان تي متفق ٿيو ته جنگ اسان جي ڪري ٿي، ان لاءِ ته جرمني اڳ ئي شڪست کائي چڪو هو.هاڻي هن کي پنهنجو پاڻ کي بچائڻو هو ته شرطون ته مڃڻيون هيون .ڇوته هار واري يا شڪست کاڌل جي ڪابه جاءِ يا عزت ناهي هوندي ۽ نه ان جو احترام هوندو آھي. جرمني وچ اوڀر .افريقا جون ڪالونيون .وچ ۽ اوڀر يورپ جي سرحدن جو ٻيهر تعين ڪرڻ يعني جرمني،آسٽريا هنگري ۽ خلافت عثمانيا جي انتظاميا هيٺ جيڪي ملڪ ۽ ڪالونيون هيون.هاڻي نئين طريقي سان انهن جون سرحدون مقرر ٿينديون ۽ افريقي ڪالونين کي برطانيا ۽ فرانس پاڻ ۾ ورهائيندا.آمريڪا جيڪو بظاهر ڪالونين جي خلاف هو.پر پردي جي پٺيان ڪالونين کان پورو پورو فائدو حاصل ڪري رهيو هو. ڳرو معاوضو رقم جيڪا توهان پنهنجي دشمن جي شڪست کانپوءِ انهن کي ڏيندؤ، ڇوته اهي توهان تي الزام هڻن ٿا ته جنگ توهان شروع ڪئي هئي.اسان جي نقصان جي ذميواري توهان تي ٿئي ٿي، ان ڪري توهان اهو سمورو معاوضو ڏيو، جيڪو اسان جي جنگ ۾ خرچ ڪيو آھي، ان ريت برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا الزام جرمني تي هنيا، جرمني اهي الزام مجبورن پاڻ تي کنيا، ريپراشين يعني جنگ جو معاوضو جيڪو جرمني کي برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا کي ڏيڻو هو، ايترو گهڻو هو ته جرمني آخري انسٽالمينٽ يا جنگ جي قرض واري آخري قسط 2010۾ ادا ڪئي.