192

نيب پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سردار محمد بخش مهر کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي آهي ۽ جاچ ختم ڪرڻ لاءِ معاملو نيب چيئرمين کي اماڻي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ محمد بخش مهر خلاف نيب انڪوائري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته محمد بخش مهر خلاف ثبوت ناهن مليا، جاچ ختم ڪرڻ لاءِ معاملو نيب چيئرمين کي اماڻي ڇڏيو آهي. نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته نيب چيئرمين جي جواب تائين مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کان محمد بخش مهر جي جاچ متعلق جواب طلب ڪري ورتو آهي ۽ ان جي عبوري ضمانت ۾ 11 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيب مطابق سردار محمد بخش مهر تي پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال  ۽ سرڪارڊ رڪارڊ ۾ گهوٻين جو الزام آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو