141

اڄوڪو جلسو ڪٺ پتلي حڪومت خلاف پنهنجو فيصلو ڏيندو: سيد ناصر حسين شاهه

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات  ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اڄوڪو جلسو هاڻوڪي وفاقي ڪٺ پتلي حڪومت خلاف پنهنجو فيصلو ڏيندو،  وفاقي حڪومت جون جيڪي پاليسيون آهن انهن جي ڪري اڄ عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي،پوري دنيا ۾ اسين سندن پرڏيهي پاليسي جي ڪري اڪيلا ٿي ويا آهيون، سندن نااهلي کي ڪيترو برداشت  ڪيو وڃي، اڄ سندن سپورٽر ۽ اتحادي به سندن نااهلي جي ڪري تنگ آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ پي ڊي ايم  تحت ٿيندڙ جلسي کان اڳ جلسي گاهه جو دورو ڪرڻ دوران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ به اهو واضح ڪيو ويو آهي ته سندن دور ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي جڏهن ته هڪ ٻي رپورٽ ۾ کين هائبرڊ ڊيموڪريسي جي پيداوار ٻڌايو ويو آهي.  هن چيو ته اهي ماڻهو فقط ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، اڄ جي جلسي بعد به اهي ماڻهو چوندا ته صرف سئو ٻه سئو ماڻهو جلسي ۾ هئا  پر ماڻهو هاڻي سمجهي چڪا آهن ته انهن جون اکيون ۽ نيتون خراب آهن سندن دماغ ۾ فتنو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن ۽ کين معلوم آهي ته اهي وڌيڪ دير حڪومت  ۾ نه رهي سگهندا. هن چيو ته اسيمبلين جي هوندي هن حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ۽ پوءِ هڪ آرڊينينس ڪڍيو ڇاڪاڻ جو کين خبر هئي ته وٽن اسيمبلي ۾ ساده اڪثريت به نه آهي ۽ معزز عدليا به سندن اهڙي عمل تي کين سپورٽ نه ڪندي. هن چيو ته اسان کي معزز عدليه  مان اها اميد آهي ته سندن فيصلو وضاحت سان ۽ انهن جي خلاف ايندو.  هن چيو ته اڄ سندن ماڻهو کين ڇڏي وڃي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته اهي به ڄاڻين ٿا ته اها حڪومت نااهل آهي.  هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت عوام کي رليف ڏئي ها ته پي ڊي ايم جي تحريڪ ڪامياب نه ٿئي ها جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام وئي آهي. سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته عوام جو سمنڊ پنهنجي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري جي آجيان لاءِ گڏ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عوام بهترطور تي ڄاڻي ٿو ته ملڪ کي درپيش مسئلن مان صرف پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ئي ڪڍي سگهي ٿو  ۽ عوام جي بلاول ڀٽو سان سچي محبت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو