اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ملازمن جي پگهار ۾ 40 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ايف بي آر، نيب ۽ ايف آءِ اي سوڌو جن ملازمن کي پهرين واڌو پگهار ملي رهي آهي اهي هن ۾ شامل نه هوندا. ان کانسواءِ ڪابينا صوبن کي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ بابت پاڻ فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ ويڪسينيشن بابت آگاهه پڻ ڪيو ويو. بريفنگ ۾ چيو ويو ته ترجيحون طئي ٿيل آهن، هيلٿ ورڪرن کانپوءِ بزرگ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪندي چيو ته ڪورونا ويڪسين برابري جي بنياد تي لڳائي وڃي ۽ صوبا ويڪسينيشن واري عمل ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائين.
172