رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي ته سندس ملڪ فلسطيني رياست جنهن جو گادي وارو شهر اوڀر القدس هجي ان جي قيام لاءِ پرعزم آهي. عرب نيوز مطابق فيصل بن فرحان اهڙن خيالن جو اظهار قاهره ۾ عرب پرڏيهي وزيرن جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته سعودي عرب 1967ع جي سرحدن ۾ فلسطيني رياست جي قيام ۽ اوڀر القدس کي ان جو گادي وارو شهر بڻائڻ واري پنهنجي موقف تي پوري طاقت سان قائم آهي.
140