231

سعودي عرب ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کانپوءِ 10 مسجدون عارضي طور تي بند

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت ڪورونا ڪيس رڪارڊ سطح تي اچڻ کانپوءِ ملڪ جي ڪيترن  ئي علائقن ۾ 10 مسجدن کي عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو  آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق وزارت الدلم شهر ۾ مسجد ۽ ٻين مذهبي معاملن جا ادارا بند ڪيا آهن، جٿي جي ڊائريڪٽر ۽ 6 ملازمن کي ڪورونا جي تشخيص ٿي آهي. وزارت پاران ٻن ڏينهن دوران  5 مسجدون ڪرايون ويون آهن،  جن  مان ٽي مسجدون  حريملا ڪمشنري ۾ ۽ هڪ_هڪ الا فلاج ۽ الدلم ۾ آهن. وزارت پاران باحه ۾ هڪ مسجد، اوڀر شهر دمام  ۾ هڪ مسجد ۽ شماليه ۾ ٽي مسجدون بند ڪرايون آهن،  جٿي نمازين ۽ مسجد انتظاميا جي ڪجهه ماڻهن ۾ ڪورونا جي تشخيص ٿي آهي. مسجدون بند ڪرڻ جو وقت 24 کان 48 ڪلاڪ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن دوران مسجدن کي سينيٽائز ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ اهو اطيمنان ڪرڻ کانپوءِ مسجدون کوليون وينديون ته اهي وائرس کان پاڪ ٿي ويون آهن، جيڪڏهن ڪنهن مسجد جو امام يا موذن ڪورونا ۾ مبتلا هوندو ته ان جي جاءِ تي متبادل امام ۽ موذن جو انتظام ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو