244

سپريم ڪورٽ ذهني معذور قيدين جي موت واري سزا کي عمرقيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ موت واري سزا يافتا ذهني معذور قيدين کي ڦاهي ڏيڻ خلاف اپيلن تي تاريخي فيصلو ٻڌايو ويو آهي. عدالت امداد علي ۽ ڪنيزان بيبي جي موت وارين سزائن کي عمر قيد ۾ تبديل ڪندي ٻنهي ڏوهارين کي پنجاب جي ذهني مريضن واري اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ٽئين ڏوهاري غلام عباس جي موت واري سزا خلاف اپيل صدر مملڪت کي ٻيهر اماڻڻ جو حڪم ڏيندي قرار ڏنو آهي ته صدر مملڪت مان اميد آهي ته هو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ رحم واري اپيل تي فيصلو ڪندو. امداد علي، ڪنيزان بيبي ۽ غلام عباس کي قتل جي ڪيسن ۾ موت واري سزا ٻڌائي وئي هئي، امداد علي کي سال 2002ع، ڪنيزان بيبي کي 1991ع ۽ غلام عباس کي 2004ع ۾ سزا ٻڌائي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو