225

اتر وزيرستان ۾ ايمبولينس ۽ ڊمپر وچ ۾ ٽڪر، 6 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

ميران شاهه (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ ايمبولينس ۽ ڊمپر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق ايمبولينس ۾ دل جي مريض کي ميرانشاهه کان بنون منتقل ڪيو پئي ويو ته سيدگي ڀرسان ايمبولينس ڊمپر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي  نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، حادثي جو ڪارڻ هن وقت تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو