238

ڪوٽ لالو ڀرسان روڊ حادثو، 2 پورهيت فوت، هڪ زخمي

ڪوٽ لالو(ن سوڀ) ڪوٽ لالو ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق ڪوٽ لالو لڳ لوٺي مدرسي اسٽاپ وٽ مھراڻ نيشنل ھاءِ وي تي ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي، جڏهن ته ان ڪمند کي ٻي ٽرالي ۾  ڀريو پئي ويو ته نوابشاھ کان ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ  ٽرالي ڀريندڙ ٽن مزدورن مٿان چڙھي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ لاکاروڊ جا رهواسي 3  ڄڻا  بابر علي ڏاهري،  اشتياق ڏاهري ۽ ڦوٽو ڏاهري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته 2 زخمي بابر علي ڏاهري ۽ اشتياق ڏاهري  ٻانڌي ويجھو رستي ۾ دم ڏنو،  جڏهن ته هڪ ڄڻي ڦوٽو ڏاهري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڪوٽ لالو پوليس ٽرڪ کي پنهنجي  تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس موجب ٽرڪ نوابشاھ جي ڀٽي برادري جي ٻڌائي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو