اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پگهارن ۾ واڌ لاءِ احتجاج ڪندڙ وفاقي سرڪاري ملازمن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿي پيون، جنهن جي نتيجي ۾ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. سوين سرڪاري ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ريلي ڪڍي ۽ پارليامينٽ هائوس ٻاهريان ڌرڻو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران هنن حڪومت خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. پوليس جي وڏي نفري پهچي ملازمن تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ته ملازمن پوليس تي پٿراءُ ڪري ڏنو، جنهن سبب سيڪريٽريٽ چوڪ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي ملازمن ۽ سندن اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪابينا ڊويزن جي ملازمن اطلاعات واري وزارت ۾ داخل ٿيندي شبلي فراز جي گاڏي روڪي ورتي ۽ گرفتار اڳواڻن کي ترت آزاد ڪرڻ جھو مطالبو ڪيو. فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي ملازمن سرينگر هاءِ وي جا ٻئي پاسا ٽريفڪ لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيا. اهڙي صورتحال سبب شهر ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي، جنهنڪري شهرين کي پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو. ملازمن جي هڙتال سبب وزارتن، کاتن ۽ ڊويزنن ۾ سرڪاري ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو. حڪومت گريڊ هڪ کان 16 تائين جي پگهارن ۾ 24 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني آهي پر وفاقي ملازمن پاران پگهارن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته صوبائي ملازمن جي پگهارن ۾ پڻ واڌ جو چيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته صوبائي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ وارو اختيار صوبائي حڪومت وٽ آهي.
230