ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين جي بازيابي تي درخواستون اڪلائي ڇڏيون آهن. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ آڏو گم ٿيل ماڻهن بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذارن عدالت کي آگاهه ڪيو ته گم ٿيل شهري سڪندر، ساحل ۽ سرفراز گهر واپس اچي ويا آهن، جڏهن ته گم ٿيل هڪ شهري سلمان جي سي ٽي ڊي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي. عدالت گم ٿيل شهرين جي بازيابي تي درخواستون اڪلائي ڇڏيون، جڏهن ته پيرسن عورت جو گم ٿيل پٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، گم ٿيل شهري انيس عباس پنهنجي امڙ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ اها به درخواست اڪلائي ڇڏي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته گم ٿيل ماڻهو جيڪو به آهي پر نيٺ انسان آهي، ان کي ڳولهڻ گهرجي، عدالت گم ٿيل اسد اقبال جي بازياب نه ٿيڻ تي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت 2011ع کان گم ٿيل ٻارڙي مريم جي بازيابي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کانسواءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت درخواستن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سمورا وسيلا استعمال آڻي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن بابت ٻين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ترت سڀني کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
240