235

طبي ادارن جا بيڪار مادا ۽ حڪومتي قدم….

ليکڪ: مگھن پار ڪولھي

طبي ادارن مان پيدا ٿيندڙ بيڪار مادا ڪھڙا آھن؟ اھي شيون جيڪي مختلف بيمارين جي سڃاڻپ ۽ علاج دوران استعمال کانپوءِ بيڪار ٿي پون ٿيون،پر اھي ھزارين قسمن جون بيماريون پيدا ڪرڻ جون صلاحيتون رکن ٿيون ڇاڪاڻ ته انھن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جراثيم موجود ھوندا آھن.اھي بيڪار مادا اسپتالن،ويم گھرن، ليبارٽرين،ريسرچ مرڪزن، ميڊيڪل ٽريننگ سينٽرن، ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ دوائون ٺاھيندڙڪمپنين مان خارج ٿيندا آھن. طبي بيڪار مادا عام گندگي کان بلڪل مختلف ھوندا آھن، انھن ۾ زخمن تان لاٿل پٽيون، ڪاٽن ثوابس،ٽانڪا ڏيڻ جو سامان،انفيوزن ڪٽون،ماليڪيولر ۽ ريسرچ ليبارٽريز ۾ چڪاس لاءِ آندل جاندار،مدي خارج ٿيل دوائون، جراحي عمل ۾ استعمال ٿيندڙ تيز اوزار، ماسڪ،ھٿن وارا گلوز، بلڊ بينڪ جون استعمال ۾ آندل شيون، پلاسٽڪ جون ٿھيليون ۽ نلڪيون شامل آھن.مٿي ڄاڻايل سڀ مادا انساني صحت ۽ ماحول لاءِ تمام ھاڃيڪار آھن.انڪري انھن جو صحيح طرح سان نيڪال ۽ بي اثر بڻائڻ تمام ضروري آھي، جيڪڏهن اھي شيون صحتمند انسانن جي رابطي ۾ اچن ٿيون ته انفيڪشن جو سبب بڻبيون آھن.صحت جي ھر اداري مان خارج ٿيندڙ مادن جي صحت تي اثر وجھڻ جي نوعيت الڳ ھوندي آھي،ڪجهه مادا ماحول ۽ڀرپاسي کي به  تمام گھڻو نقصان پھچائيندا آھن.ڪنھن به ملڪ جي ترقي ۽ صحتمند قوم لاءِ ان جي ميڊيڪل سيڪٽر جو اعلى معيار جو ھجڻ ضروري آھي، اھوئي سبب آھي جو ترقي يافتا ملڪ پنھنجي ميڊيڪل سيڪٽر جو معيار رکن ٿا،پر ان لحاظ کان پاڪستان تمام پٺتي پيل آھي، ان ڳالهھ جو اندازو اسان جي ڪافي سرڪاري ۽ نجي اسپتالن، ليبارٽرين جي صفائي ۽ بيڪار مادن جي ڊسپوزل ۽ پروسيسنگ جي طريقن مان لڳائي سگھجي ٿو،اسپتالن ۽ ٻين صحت مرڪزن مان پيدا ٿيل بائيوويسٽ ۽ ٻيا بيڪار مادا کلي عام روڊن، رستن، گھٽين، سيوريج سسٽم ۽ وسندين جي وچ ۾ اڇلايا وڃن ٿا،جيڪو ھڪ خطرناڪ عمل آھي،پر انھن کي صحيح طرح ڊسپوز ڪرڻ جو ڪو به پروٽوڪول يا طريقو عملي طور استعمال ۾ نه آندو ويندو آھي، بيڪار مادن کي  سرعام اڇلائڻ سان ماحولياتي توڙي حياتياتي نظام تي تمام گھرو اثر پوندو آھي،اسان اھڙن مادن جي تعلق ۾ آساني سان اچي سگھون ٿا اھڙي طرح اسان جو معاشرو صحت جي  تمام خطرناڪ مسئلن کي منھن ڏيندو آھي، بحيثيت ھڪ ميديڪل ٽيڪنالاجسٽ  جي منھنجي راءِ ۾ حڪومت کي اھڙن بيڪار مادن جي صحيح ڊسپوز جو ڪو  واضع قانون ٺاھڻ ۽ ان تي باقائدا عمل ڪرائڻ کپي،صحت جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عملي ۽ اتي پڙھندڙ شاگردن کي ويسٽ مئنجمينٽ جي مڪمل معلومات ھجڻ کپي،عام شھرين کي به اھڙن مادن جي خطرن بابت آگاھي فراھم ڪرڻ لاءِ پينافليڪس وغيرہ مھيا ڪرائڻ  کپن. جيئن ته اسان کي خبر آھي ته ھر بيڪار مادي جي خطري جي ليول پنھنجي ھوندي آھي، انڪري سڀ کان پھريان اسان کي اھڙن بيڪار مادن جي سندن پوٽينشل جي لحاظ کان درجي بندي ڪرڻ گھرجي، بين الاقوامي طورتي اھڙن مادن جي درجي بندي ۽ ڊسپوز ڪرڻ جو پروٽوڪول موجود آھي، ان ڏس ۾ درجي بندي لاءِ مختلف رنگن وارا ڊٻا مختلف مادن کي رکڻ/ڊسپوز ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا آھن، مثال طور؛ ھر قسم جون پٽيون،رت واريون ٿھيليون، جسماني رطوبتون، استعمال ٿيل ڪاٽن اسپرٽ، انساني ڪٽيل عضوا،چمڙي،وار ۽ ٻيا حصا وغيرہ پيلي رنگ وارن ڊٻن ۾ ڊسپوز ڪيا ويندا آھن. پلاسٽڪ واريون سيون،پيشاب واريون نلڪيون،خراب ٿيل گلوُز،نس واريون نلڪيون وغيرہ ڳاڙھي رنگ وارن ڊٻن ۾ ڊسپوز ٿينديون آھن. شيشي وارا وائل، ٽٽل انجيڪشنون، ليبارٽري جون خراب ٿيل شيشي واريون شيون وغيرہ نيري رنگ وارن ڊٻن ۾ ڊسپوز ڪبيون آھن، نيڊل، تيز اوزار،بليڊ،۽ ٻيا جراحي عمل ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار وغيره پنڪچر پروف اڇن ڊٻن ۾ رکيا ويندا آھن، ڪارا ڊٻا اداري ۾ ايندڙ سامان جا کالي کوکا، بوتلن جا ڍڪ، پلاسٽڪ جا ڪوپ، ٻھاريل ڪچرو ۽ بورچيخاني جو ڪچرو وغيرہ لاءِ استعمال ٿيندا آھن، مٿي ڄاڻايل سڀن قسمن جي مادن کي ڦٽو ڪرڻ کان پوءِ ساڙڻ ۽ بي اثر بڻائڻ به تمام ضروري آھي.جيڪڏھن اسان کي پنھنجي قوم جي صحت ۽ ملڪ جي معيار کي مٿانھون ڪرڻو آھي ته پھرين پنھنجي طبي ادارن کي اپگريڊ ڪرڻو پوندو،ڇاڪاڻ ته جيترو اسان پاڻ صحتمند ھونداسين اوتروئي پنھنجي وطن جي بھتري لاءِ ڪم ڪري سگھنداسين. سماج ۽ ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڌريل معاشرن ۾ حڪومتون ۽ عوام گڏجي ڪم ڪندا آهن ۽ اسان کي به مهذب سماج جوڙڻ لاءِ نه صرف گڏجي حڪمت عملي سان ڪم ڪرڻو پوندو، پر سڀ کان پهريان پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي قوم ڏانهن ذميوار ۽ سچو ٿيڻو پوندو جيڪڏهن اسان پروفيشنل طريقي سان ڪم ڪنداسين ته يقينن بهتر سماج اڏي سگهنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو