ليکڪ: محبوب سنڌي
تاريخ جي ورقن ۾ جهاڳي ڏسجي ته سنڌي ادبي سنگت جهڙي عظيم تنظيم جو بنياد وجهندڙ گوبند مالهيءَ جي شرير ۾ سنڌ جي سون ورني مٽي ماتا جو هڳاءُ مهڪيل نظر اچي ٿو ۽ هن ڄمندي ئي سنڌو جي سُتي پيتي جو مهراڻ جيان هن جو من ان وقت تائين موج ۾ رهيو، جيستائين ڌرتي جي سيني تي هو وارث بڻجي ماتا جي خوشحالي جي گيتن کي گنگنائيندو رهيو، پر جڏهن پنهنجو ديس ڇڏي، ٻئي ديس وڃي پرديسي بڻيو ته سنڌ کان دوريءَ وارو درد ڪنهن سڪل بُنڊيءَ وانگي هن جي من اندر ساھه جي آخري تند ٽٽڻ تائين دکندو رهيو، پر گوبند مالهي اُتي به خاموشي اختيار ڪرڻ بدران ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اي جي اتم وارن سان گڏجي سنڌيت جي ساراھه جا نغمه ڳائيندو رهيو.گوبند مالهي جي ڪراچي ڪاليج ۾ پڙهائي دوران حشو ڪيولراماڻي سان ويجهڙائپ جي ڪري سياسي شعوري سگهھ مضبوط ٿي ۽ هو شاگرد سياست ۾ حصو وٺي متحرڪ ٿيو، 1942ع ڌاري جيل جي سختي به سٺائين، پر ڪاٺ ۾ پوڻ به گوبند مالهي جي ارڏي ارادي ۾ جهڪاءُ نه آڻي سگهيو ۽ اڳتي هلي هي ترقي پسند ڌڙي سان سلهاڙجي ڪميونسٽ پارٽي ڪراچي جو ذميوار عهديدار بڻيو ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو رهيو، جنهن گوبند مالهي کي عزت به ڏياري ته شهرت به بخشي. گوبند مالهي ٺارو شاھه ۾ اک کولي ۽ جڏهن هن کي سچل سرمست جي شاعري ڪني پئي ته ڀٽائي سان گڏ سچل جا بيت هن جي رهبري ڪرڻ لڳا ۽ هن سنڌ جي عشق کي سڃاڻي ورتو، اهو ئي سبب هو جو هي ادبي کيتر جو سفير بڻجي سنڌي ادب جي جهول ۾ پنهنجون قيمتي لکڻيون وجهندو رهيو، جنهن ۾ هن جي اندر جي جذبن جي وير انقلاب کي سڏيندي رهي، اهو انقلاب جنهن سان سماج جي بهتر جوڙجڪ ڪري سنڌ جي خوشحالي کي ابد تائين بقا ڏئي سگهجي، جي سندس فڪر جو چڱي ريت مطالعو ڪجي ته هن جي هر تحرير ۾ هن جو سنڌ سان عشق پڪو ۽ پختو ملندو، اهو سچ آهي ته سنڌي ادب ۾ ناول جي شروعات مرزا قليچ بيگ ٻي ٻولي جي ناول کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڪئي آهي، پر ان حقيقت کان به ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته سنڌي ادب ۾ ناول کي جدت سان گڏ نئين جلا بخشڻ وارو گوبند مالهي ئي آهي، جنهن جا”آنسو“ ”زندگيءَ جي راھ تي“ ”ديسي سيڻ ڪجن“ ”من جو ميت“ ۽ ”سنڌو جي ڪناري“ سميت ٻيا به کوڙ سارا ناول ذڪر هيٺ آڻي اهو چئي سگهجي ٿو ته ناول کي اصل سنڌي صورت ڏيڻ وارو سنڌي ليکڪ گوبند مالهي ئي آهي.گوبند مالهي جي سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب سان عشق جو اهو نتيجو آهي ته هن سنڌ جي اديبن کي هڪ جاءِ تي ويهارڻ لاءِ گربخشاڻي، نارائڻ شيام، شيخ اياز، روشن آرا مغل، عبدالرزاق شيخ، احسان بدوي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين سان گڏجي 1946ع ۾ سنڌي ادبي سرڪل جو بنياد وڌو، جنهن جو پهريون سيڪريٽري جنرل به پاڻ ٿيو، پر ورهاڱي پوءِ جڏهن گوبند مالهي کي هي ديس ڇڏڻو پيو ته سنڌي ادبي سرڪل متحرڪ نه رهي سگهي، جهڙوڪر پنهنجي حيثيت وڃائڻ لڳي ته پوءِ شيخ اياز هن ساڳئي پليٽ فارم کي سنڌي ادبي سنگت جي نالي سان نئون جيئدان بخشيو ۽ اڄ سنڌ جو هر باشعور ليکاري سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجي ماءُ تنظيم سمجهي ٿو. دادا گوبند مالهي سنڌ جي سرسبز علائقي ٺارو شاھه ۾ 5 آگسٽ 1921ع ۾ اک کولي هئي ۽ 10 فيبروري 2001ع ۾ هي ڏيهھ هميشه لاءِ ڇڏيو، پر هو سنڌي ادبي سنگت جي جنم ۾ سدائين زندهه رهندو.