223

اين ايف سي فنڊن مان ڪٽوتي ۽ سنڌ جون مشڪلاتون….

ايڊيٽوريل

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ادا نه ڪرڻ بابت پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي آهي، جنهن ۾ عدالت پاران طلب ڪرڻ تي سنڌ حڪومت جو ترجمان مرتضيٰ وهاب ۽ اٽارني جنرل سلمان طالب الدين پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران معزز عدالت جي جج سنڌ حڪومت جي ترجمان کان پڇاڻو ڪيو ته رٽائرڊ ملازمن کي آخر پينشن ڇو نٿي ڏني وڃي؟ جنهن تي مرتضيٰ وهاب شڪايت ڪندي ٻڌايو ته وفاق طرفان اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ ملندڙ رقم مان سنڌ کي 80 ارب رپيا گهٽ ڏنا ويا آهن، جنهن ڪري پينشن جي رقم ڏيڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، هن عدالت کي درخواست ڪئي ته پينشن جي رقم قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته اڳ بئنڪون ۽ عام ماڻهو قسطن ۾ ادائگين لاءِ چوندا هئا پر هاڻي حڪومت به قسطن جي ڳالهه ڪري رهي آهي، عدالت رمارڪس ڏنا ته رٽائرڊ ملازم عمر جي ان حصي ۾ هوندا آهن جن کي پينشن نه ملڻ سبب ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن، عدالت رٽائرڊ ملازمن کي جلد پينشن ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

هيءَ انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال آهي جڏهن معزز عدالت آڏو هڪ صوبائي حڪومت جي ترجمان کي اها شڪايت ڪرڻي پوي ته هن ملڪ جي اڏيندڙ صوبي جي حالت موجوده وفاقي حڪومت اهڙي ڪري ڇڏي آهي، جو هاڻي ان وٽ رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ڏيڻ جيتري رقم به نه بچي آهي، ان کان وڌيڪ ڏکائيندڙ ڳالهه اها آهي ته ڄاڻايل رقم وفاق صوبي کي خيرات ۾ نٿو ڏئي پر بنيادي طور تي اها رقم صوبي مان روينيو ۽ ٻئي مد ۾ اوڳاڙي ڪري وفاق جي حوالي ڪئي ويندي آهي ۽ ٽئڪسن جي صورت ۾ سنڌ جو عوام ئي اها رقم ڏيندو آهي، جيڪا وري فنڊن جي صورت ۾ صوبي کي ملندي آهي پر هاڻ رت روئاريندڙ صورتحال اها آهي ته موجوده حڪومت جيئن ئي اقتدار ۾ آئي آهي ان سنڌ جي عوام جي پورهئي ۽ پگهر جي پئسن کي قينچي هڻي ڪٽڻ شروع ڪيو آهي، آئيني طور تي اها رقم پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، نواز ليگ يا جي يو آءِ جي نه پر صوبي جي عوام جي آهي ۽ ان ئي رقم مان حڪومت صوبي جو ڪاروهنوار هلائيندي آهي ۽ صوبي اندر ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا آهن، اڄ پي ڊي ايم جي حيدرآباد واري جلسي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اها شڪايت ڪئي آهي ته گذريل سال 80 ارب رپيا ۽ هلندڙ سال صوبي جا 200 ارب رپيا ڪٽيا ويا آهن، اسان سمجهون ٿا ته اهو انتهائي آمراڻو قدم آهي، اڄ کان اڳ ڪنهن آمر به اهڙي طرح سان صوبن جي فنڊن مان ڪٽوتي ناهي ڪئي، جهڙي طرح تي موجوده حڪومت ڪري رهي آهي، اسان هتي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ کي به اها اپيل ڪنداسين اها سنڌ جي ان دانهن جو درمان ڪري ۽ وفاق کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته آخر ڪهڙي آئين ۽ قانون تحت صوبي جي فنڊن مان ڪٽوتي ڪري عوام جي پيٽ تي لت ڏني پئي وڃي، گڏوگڏ اسان وفاقي حڪومت کي پڻ تنبيهه ڪريون ٿا ته ان قسم جي غير آئيني ۽ غيرقانوني هٿ ڪنڊن کان پاسو ڪري صوبن کي آئين تحت اين ايف سي ايوارڊ جا فنڊ ڏنا وڃن، جيئن اهي پنهنجو ڪاروهنوار هلائي سگهن، ٻي صورت ۾ عوامي سطح تي حڪومت خلاف نفرتون وڌنديون ۽ جڏهن صوبا معاشي طور تي ڪمزور ٿيندا ته لاقانونيت ۽ انتشار واري فضا پيدا ٿيندي، جيڪا يقيني طور تي صوبي ۽ ملڪ لاءِ فائدي واري نه هوندي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ کي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي اصولن تحت هلايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو