لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته 126 ڏينهن اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙن کان سرڪاري ملازمن جو جائز احتجاج برداشت نه پيو ٿئي، جعلي حڪمران ايترو ظلم ڪن جيترو پاڻ به سهي سگهن. اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن جي احتجاج ۽ چڪرين بابت مريم نواز جو چوڻ هو ته سرڪاري ملازمن تي تشدد، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ۽ گرفتاريون جعلي حڪومت جا ظالماڻا عمل آهن، ملازمن جون قربانيون پاڪستان ۾ ظالم، عوام دشمن، ووٽ چور ۽ ڪميشن خور حڪومت جي خاتمي جو اعلان آهن. مريم نواز جو چوڻ هو ته پگهارن ۾ واڌ ۽ جائز مطالبن جي حق ۾ احتجاج ڪندڙ ملازمن تي تشدد، بيرحم ۽ ظالم حڪمرانن جي سڃاڻپ آهي، سندن آمراڻو چهرو اڄ سڄي قوم ڏسي ورتو. هن چيو ته 3 سالن ۾ حڪومت عوام خاص ڪري سرڪاري ملازمن کي مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيڙهي ڇڏيو آهي، هي پهرين حڪومت آهي جنهن چئوڻ تي مهانگائي ڪرڻ باوجود سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ هڪ رپيو به واڌ ناهي ڪئي، اسان سرڪاري ملازمن جي حقن ۽ انهن تي ٿيندڙ تشدد خلاف پارليامينٽ سميت هر فورم تي آواز اٿارينداسين، گرفتار ملازمن کي ترت آزاد ڪيو وڃي ۽ سندن مطالبا منظور ڪيا وڃن.
