ڪلرسيدان (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن سينيٽ چونڊن ۾ اوپن ووٽنگ نه ٿي ته مخالف ڌر وارا روئيندا، ڳجهي ووٽنگ تحت حڪومت کي مخالف ڌر کان وڌيڪ سيٽون ملي سگهن ٿيون. ڪلرسيدان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته مخالف ڌر پارٽيون سينيٽ چونڊن جي ڪرپٽ نظام جي سپورٽ ڪري رهيون آهن، سينيٽ جي هڪ سيٽ جو اگهه 50ڪروڙن کان 70 ڪروڙ رپيا لڳي چڪو آهي، ڪيئن ممڪن آهي ته پئسا لڳائي سينيٽر بڻجڻ وارو پئسو نه ٺاهيندو؟ مون وٽ پهرين وڊيوز هجن ها ته مان پنهنجي خلاف ڪيسن ۾ عدالت ۾ پيش ڪريان ها، سوال اهو نه ٿيڻ گهرجي ته وڊيو جو وقت ڇا آهي، اهم ڳالهه اها آهي ته وڊيو سان منهنجي موقف جي تائيد ٿي. ٻئي پاسي ڪلرسيدان ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي جي آغاز جي موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته مستحق ۽ ڪمزور طبقن کي مالي مدد جي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي، اهو ڪو احسان نه آهي، مستحق ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ مدد ڪنداسين، مستحق ماڻهن تائين انهن جو حق پهچائڻ لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، غير مستحق ماڻهن کي احساس پروگرام جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي، مفت علاج لاءِ ڪمزور طبقن کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت به فراهم ڪري رهيا آهيون، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي ڪم جاري آهي، اين جي او سان گڏجي مستحق ماڻهن کي ڇت فراهم ڪئي ويندي، احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي ۾ 70 لک مستحق خاندانن ۾ منصفاڻي طريقي سان رقم ورهائي ويندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام تحت مالي مدد جي معاشري جي انهن ڪمزور ۽ مستحق ماڻهن کي فراهمي حڪومت جو احساس نه پر فرض آهي، جيڪي مشڪلاتن جو شڪار آهن. حڪومت مستحق خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ به فراهم ڪندي جنهن تحت اهي ڪنهن به اسپتال مان ساڍا ست لک روپين تائين جو علاج ڪرائي سگهندا. وزيراعظم چيو ته احساس ڪفالت پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي مالي مدد جي فراهمي جاري رهندي، ان کانسواءِ اخوت اين جي او سان گڏجي معاشري جي ڪمزور ترين طبقن جي لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي به ڪم جاري آهي ۽ اهو انهن مزدورن جي لاءِ آهي جيڪي گهر خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن، هن چيو ته مستحق ماڻهن کي پنهنجي ڇت فراهم ڪئي ويندي ۽ اهڙو نظام آڻينداسين ته اهي مسواڙ ڏيڻ بدران قسطن ۾ پنهنجو گهر حاصل ڪري سگهندا. ان سلسلي ۾ اخوت تنظيم کي ساڍا ٽي ارب روپيا جاري ڪيا ويا آهن، ڪل 10 ارب روپيا ادا ڪيا ويندا ته جئين مستحق ماڻهو پنهنجو گهر ٺاهڻ جي لاءِ قرض حاصل ڪري سگهن، وزيراعظم چيو ته مستحق ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ ننڍي ڪاروبار لاءِ سهولتون فراهم ڪنداسين، ان سلسلي ۾ سلائي مشينون ۽ ننڍن دڪانن جي طرز تي سهولتون مهيا ڪيون وينديون ته جئين جن ماڻهن جو گذر سفر مشڪل سان ٿئي ٿو اهي پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگهن، وزيراعظم چيو ته مستحق ماڻهن کي روڪ 12 هزار روپين جي مالي مدد جي فراهمي جاري آهي ۽ ڪوشش آهي ته اها رقم مستحق ماڻهن کي ئي ملي، 8 لک 20 هزار سرڪاري ملازمن کي احساس جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي، ان کانسواءِ 30 هزار ٻيا غير مستحق ماڻهو به فهرست مان ڪڍيا ويا آهن، وزيراعظم چيو ته لبنان ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي ۽ مظاهرين جو اهو موقف آهي ته اتي ڪورونا وائرس جي وبا دوران سياسي بنيادن تي غير منصفاڻي طريقي سان مالي امداد ورهائي وئي آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ احساس پروگرام تحت منصفاڻي طريقي سان مالي مدد جي ورهاست يقيني بڻائي وئي ۽ سياسي بنياد تي نه ورهائي وئي، اهو ئي سبب آهي ته ڪنهن به ان ورهاست تي آڱر ناهي کنئي، سڀ کان وڌيڪ مالي مدد سنڌ ۾ ڪئي وئي ڇو ته ميرٽ تي رقم ورهائي وئي، جتي غربت ۽ ضرورت وڌيڪ هئي اتي وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي، وزيراعظم چيو ته احساس ڪفالت پروگرام جو ٻيو مرحلو اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي ۽ 70 لک مستحق خاندانن ۾ منصفاڻي طريقي سان رقم ورهائي ويندي، ان کانسواءِ مستحق خاندان پنهنجي ٻارن کي تعليم نٿا ڏئي سگهن انهن جي به مدد ڪئي ويندي، انڊر گريجوئيٽ اسڪيم جو آغاز ٿي چڪو آهي، ان کانسواءِ اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنا ويندا، ان کان اڳ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس ڪفالت پروگرام جي حوالي سان بريفنگ ڏني، مستحق عورتن مالي مدد جي فراهمي تي حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو.
225