171

ڊونلڊ ٽرمپ خلاف مواخذي واري ڪارروائي آئيني آهي: آمريڪي سينيٽ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ چيو آهي ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف مواخذي جي ڪاروائي آئيني آهي. سينيٽ 44-56 تناسب سان ٽرمپ خلاف مواخذي جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان مواخذي تي ٻيهر بحث ٿيندي. ان کان اڳ اڳوڻي صدر جي وڪيلن سينيٽرن تي زور ڏنو هو ته هو مواخذي کي غير آئيني ۽ واضح طور تي ڪوڙو الزام قرار ڏئي رد ڪن، پر سينيٽرن سندن اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ مواخذي کي آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مواخذي جي ڪيس جي بحث جي پهرين ڏينهن پنهنجي دفاعي وڪيل جي دليلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سي اين اين ان معاملي کان واقف ٻن ماڻهن جي حوالي سان ٻڌايو ته ٽرمپ پنهنجي وڪيل بروس ڪينٽر جي شروعاتي دليلن کان ايڏو مايوس ٿي ويو هو جو رڙيون ڪرڻ لڳو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو