نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي هاري يونين جي اڳواڻ راڪيش ٽڪيت اعلان ڪيو آهي ته حڪومت جي ظالماڻن زرعي قانونن خلاف هاڻي 4 لک نه پر 40 لک ٽريڪٽرز جي ريلي نڪرندي. ڀارتي ميڊيا مطابق رياست هريانه جي شهر ڪروڪشيتر ۾ گهرايل هاري مهاپنچايت ۾ هارين کي خطاب ڪندي ڀارت جي هاري يونين جي ليڊر راڪيش ٽڪيت چيو ته هاري تحريڪ هاڻي اڳتي وڌندي رهندي ۽ اها سڄي ملڪ ۾ ڦهلجندي. هن گڏو گڏ اهو اعلان پڻ ڪيو ته هاڻي 4 لک نه پر 40 لک ٽريڪٽرن جي ريلي نڪرندي رڳو نعرا نه اسان مظاهرو ڪنداسين. واضح رهي ته ڀارت ۾ ڪيترن ئي مهينن کان احتجاج ڪندڙ هارين يوم جمهوريا تي ٽريڪٽر ريلي ڪڍي هئي.
235