223

وڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 63 تحت ڪارروائي ڪري: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري سينيٽ چونڊن 2018ع متعلق وڊيو منظر عام تي اچڻ جي حوالي سان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 63 تحت ڪارروائي عمل ۾ آڻي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته رشوت وٺندڙ ته پڪڙيا ويا، ميڊيا کي درخواست آهي ته ٿوري تحقيق ڪن، 2018ع ۾ انهن ووٽن سان ڪير سينيٽر بڻيو؟ هن چيو ته انهن ٻنهي سينيٽرز کي ايوان ۾ رهڻ جو حق آهي؟  اليڪشن ڪميشن پڻ پنهنجي ذميداري پوري ڪري. فواد چوڌري مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 63 تحت ڪارروائي عمل ۾ آڻي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو