لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن ڪورٽ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي، رستو بلاڪ ڪرڻ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت واري ڪيس ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر جي عبوري ضمانت ۾ 6 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ايڊيشنل سيشن جج ملڪ محمد آصف ڪيس جي شنوائي ڪئي. عدالتي شنوائي تي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ حاضري مڪمل ڪرائي. عدالت ايندڙ شنوائي تي پوليس جي مڪمل جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف گوجرانوالا جلسي ۾ شرڪت لاءِ ويندي قانونن جي ڀڃڪڙين تي شاهدره ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
