اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا ڊسمبر 2020ع لاءِ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 53 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجلي جي اگهه ۾ هڪ رپيو 80 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي نيپرا اٿارٽي 27 جنوري 2021ع تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هڪ رپيو 53 پئسا في يونٽ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو.
250