261

لنڊن جي عدالت مان مون کي انصاف مليو آهي، اميد آهي ته احتساب عدالت پڻ انصاف ڪندي: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ ان جي خاندان خلاف مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪندي وڌيڪ گواهن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ  طلب ڪري ورتو. عدالت لنڊن ڊيلي ميل اخبار خلاف حتڪ عزت جي دعويٰ جي ذڪر تي شهباز شريف کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن بيگناهي جو ثبوت آهي ته پيش ڪري. عدالت ريمارڪس ڏنا ته هوائي ڳالهيون نه ڪيون وڃن. سوال هي آهي ته غير ملڪي عدالت جو فيصلو ڪهڙي قانون تحت لاڳو ٿي سگهي ٿو؟  احتساب عدالت جي ايڊمن جج جواد الحسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي ٻڌڻي جي موقعي تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي سينٽرل جيل ڪوٽ لکپت مان آڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران ٻن گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. ٻڌڻي دوران شهباز شريف روسٽروم تي آيو ۽ چيو ته اڄ مان جيڪو به ڳالهائيندس منهنجي ڪيس بابت هوندو. شهباز شريف چيو ته لنڊن جي عدالت مان مون کي انصاف مليو آهي، اميد آهي ته احتساب عدالت پڻ انصاف ڪندي.  فاضل عدالت چيو ته هي ڳالهيون اوهان جرح تي ڪندا ته مناسب هوندو. هونئنءَ به سڀئي هوائي آهن. شهباز شريف چيو ته مون خلاف نيب ڪيس بڻايو جنهن ۾ مني لانڊرنگ، ڪڪ بيڪس جا الزام لڳايا آهن. اهڙا الزام برطانوي اخبار ۾ لڳايا ويا. ان تي مون ڊيلي ميل خلاف حتڪ عزت جي دعويٰ دائر ڪئي. 5 فيبروري تي لنڊن جي هاءِ ڪورٽ ۾ ان ڪيس جي پهرين ٻڌڻي ٿي. پاڪستان حڪومت جي وڏي آفيشل جي بيانن ڊيلي ميل جي وڪيل عدالت ۾ پڙهيا ۽ جسٽس نڪلين ميٿيو واضح ڪيو ته الزامن جا ثبوت ڏيو. شهباز شريف ٻڌايو ته مون خلاف 58 جلدن تي ٻڌل ريفرنس داخل ڪيو ويو ۽ هي 58 جلد لنڊن جي ڊيلي ميل کي پهچايا ويا. لنڊن جي عدالت مان مون کي انصاف مليو آهي، اميد آهي ته اوهان جي عدالت مان پڻ انصاف ملندو. ڊيلي ميل وارا چون ٿا ته مون خلاف ڪو به شاهد ناهي. الله کان ڊڄي چوان ٿو ته هڪ پائي جي ڪرپشن ثابت ٿي وڃي ته معافي گهري گهر هليو ويندس. جج جواد الحسن پڇا ڪئي ته ڇا اڃا تائين لنڊن هاءِ ڪورٽ کان ڪو فيصلو آيو آهي؟ جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته ڊيلي ميل جي فيصلي تي اوهان بري ٿي سگهو ٿا ته اوهان درخواست ڏيو. ان تي عدالت جو فيصلو لڳائينداسين، نيب وارا چون ٿا ته انهن وٽ شاهديون آهن. عدالت شهباز شريف کي چيو ته ڪو ثبوت يا فيصلو آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو، ميڊيا جي ڳالهه نه ڪيو. سڀ کان وڏو سوال هي آهي ته پرڏيهي فيصلو هتي ڪهڙي قانون تحت ڏٺو وڃي، جيڪڏهن توهان وٽ ڪو ثبوت يا فيصلو آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو. مان اوهان جي ڳالهه سمجهي رهيو آهيان. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شهباز شريف عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، هن کي ڪو اختيار ناهي ته هو عدالتي ڪارروائي ۾ دخل اندازي ڪري. عدالتي ڪارروائي ۾ اهڙي مداخلت ڪرڻ غيرقانوني آهي. عدالت هن ريفرنس ۾ شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز، سلمان شهباز، رابعه عمران، هارون يوسف جو ڪيس ٻين ملزمن کي الڳ ڪري ڇڏيو آهي. عدالت لاڳيتو غير حاضر رهڻ تي نصرت شهباز کي اشتهاري قرار ڏنو آهي جنهن تي نصرت شهباز لاهور هاءِ ڪورٽ کان اشتهاري قرار ڏيڻ واري قدم خلاف منع نامو ورتو آهي. احتساب عدالت غير حاضر رهڻ تي رابعه عمران، سلمان شهباز، يوسف هارون ۽ ٻين کي اشتهاري قرار ڏيڻ بعد معاملي تي عملدرآمد رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف، حمزه شهباز سميت 16 ملزمن خلاف ريفرنس 55 جلدن تي ٻڌل آهي. شهباز شري، سلمان شهباز، حمزه شهباز، رابعه شهباز، نصرت شهباز، نثار احمد، شاهد رفيق، ياسر مشتاق، محمد مشتاق، آفتاب محمود، محمد عثمان، طاهر نقوي، قاسم قيوم، فاضل داد عباسي ۽ علي احمد کي نامزد ڪيو آهي. شهباز شريف سميت ٻين خلاف چار ملزم سلطاني شاهد بڻجي چڪا آهن. سلطاني شاهد بڻجندڙن ۾ شاهد رفيق، ياسر مشتاق، محمد مشتاق ۽ آفتاب محمود شامل آهي. احتساب عدالت ۾ شهباز شريف جي پيشي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. جوڊيشل ڪمپليڪس جي چئني پاسن کان سمورن رستن تي ڪنٽينر لڳائي ڪنڊيدار تارون وڇائي بند ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو