واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي صدر جوبائيڊن سينيٽ ۾ پنهنجي پيش ڪيل ڊونلڊ ٽرمپ خلاف جاري مواخذي جي ڪارروائي تي چيو ته ان جو ڌيان هن ٽرائل تي نه پر ڪورونا وائرس جي وبا جي خاتمي تي هوندو. وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ هڪ ويهڪ دوران جڏهن صحافين صدر جوبائيڊن کان سوال ڪيو ته سينيٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي مواخذي جي ڪارروائي ٽي وي تي ڏسي رهيا آهن. ان تي جوبائيڊن جو چوڻ هو ته نه هو ايئن نه ڪري رهيا آهن. آمريڪي صدر چيو ته اسان پهرين ئي ڪورونا وائرس سبب ساڍا چار لک کان وڌيڪ موتن جو نقصان برداشت ڪري چڪا آهيون جيڪڏهن فوري طور ٺوس قدم نه کنيا ويا ته موتن جو انگ وڌي وڃڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته ڪيترائي ٻار بکيا آهن ۽ ڪيترن ئي خاندانن کي کاڌي پيتي جي شين جي گهٽتائي آهي. اهڙا ماڻهو تڪليفن ۾ آهن جن جو ازالو منهنجي ذميواري آهي. هن جو چوڻ هو ته سينيٽ جو پنهنجو ڪم آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هو پنهنجو ڪم سولي نموني نڀائيندا. سندس چوڻي ته هو سابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مواخذي جي ڪارروائي بابت وڌيڪ ڪجهه نه چوندو. اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي 6 جنوري تي ڪانگريس جي عمارت ڪيپيٽل هل تي حملي لاءِ پنهنجي حامين کي اڪسائڻ جو الزام آهي.
245