ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ۾ آبپاشي عملدارن حددخليون ڄاڻائي ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، ڪارروائي دوران عملدارن ۽ رهواسين ۾ چڪريون پڻ ٿيون آهن. ايڪسيئن ڪوٽڙي بئراج عديل شاهه جي اڳواڻي ۾ آبپاشي کاتي جي عملدارن ڪي بي فيڊر جي بندن تي ڪارروائي دوران حددخليون ڄاڻائي ڪيتري ئي ايراضيءَ تي ٺھيل ڪچا ۽ پڪا گھر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، آبپاشي کاتي جي اوچتي ڪارروائي دوران عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، جڏهن ته عملدارن ۽ رهواسين وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون، جنهن دوران هڪ پيرسن عورت بيهوش ٿي وئي. رهواسين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڪنھن به قسم جو ڪو به نوٽيس نه مليو آهي، اوچتو ڪارروائي ڪري اجها ڊاهي پٽ ڪيا ويا، ڪارروائي دوران گهرن ۾ پيل سامان جو به نقصان ٿيو آهي، اسان جا ٻچا روڊن تي اچي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڪارروائي روڪي اسان کي بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي. ٻئي پاسي ايڪسيئن ڪوٽڙي بئراج عديل شاهه صحافين کي ٻڌايو ته عدالتي حڪمن تي حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو آهي، جيڪو حددخلين جي خاتمي تائين جاري رهندو.
188