اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 57 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1502 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا هڪ هزار 502 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 57 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 48 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 9 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، پشاور 28 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 23 سيڪڙو ۽ لاهور 21 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 37 هزار 452 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 15، پنجاب ۾ 13 هزار 333، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 66، اسلام آباد ۾ 4 هزار 747، بلوچستان ۾ 473، گلگت بلتستان ۾ 360، آزاد ڪشمير ۾ 458 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 16 هزار 683 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 267 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 30 هزار 225 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 59 هزار 93 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 334، بلوچستان ۾ 18 هزار 898، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 923، اسلام آباد ۾ 42 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 68 هزار 972، پنجاب ۾ 1 لک 62 هزار 391 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 52 هزار 296 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 185 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 171 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 مريض اسپتالن ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 982 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 6 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 976 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 481 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ 197 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 276 فوتگيون ٿيون جڏهن ته جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 83 لک 25 هزار 543 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 189 مريض علاج هيٺ آهن.
160