اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي حملي واري ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ عورتن سميت 3 وڪيلن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. واقعي جو ڪيس دهشتگردي وارن قلمن تحت رمنا ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ڪارروائي ڪندي نويد ملڪ ايڊووڪيٽ، ايوب ارباب گجر ۽ ايڊووڪيٽ شازيه عباسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس اسلام آباد بار صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي گرفتاري لاءِ ڇاپا پڻ هنيا پر هو مزاحمت ڪندي گرفتاري کان بچندي فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي حملي جي چوٿين ڏينهن به عدالت جي سيڪيورٽي ۾ واڌ آهي، رينجرز ۽ پوليس جا وڏا اٽالا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اندر توڙي ٻاهر الرٽ آهن. پوليس پهرين گرفتار ڪيل 4 وڪيلن ظفر علي وڙائچ، نويد ملڪ، شعيب شيخ ۽ نازيه بيبي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت چئني وڪيلن کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي.
150