141

بلدياتي چونڊون آگسٽ تائين ممڪن ناهن: اليڪشن ڪميشن

لاهور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن مطابق حڪومت جي نئين آرڊيننس تحت بلدياتي چونڊون آگسٽ تائين ممڪن ناهن. اليڪشن ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته حڪومت پنهنجو ئي ٺاهيل بلدياتي قانون عملدرآمد کان اڳ ئي ختم ڪري ڇڏيو ۽ نئين آرڊيننس تحت چونڊون نه جون ۾ ممڪن آهن ۽ نه ئي آگسٽ ۾ ممڪن آهن، ڇاڪاڻ ته نئين آرڊيننس سان نيون تڪ بنديون ڪرڻيون پونديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو