پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي آرڪيالاجي کاتي ڀارتي اداڪارن دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جي گهرن جي خريداري لاءِ رقم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آرڪيالاجي کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق آرڪيالاجي سيڪريٽري ڀارتي اداڪارن جي گهرن جي خريداري لاءِ مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 30 لک 57 هزار 685 رپين جي منظوري ڏني آهي. پڌرائي مطابق راج ڪپور جي گهر جي قيمت هڪ ڪروڙ 50 لک رپيا ۽ دليپ ڪمار جي گهر جي قيمت 80 لک رپيا مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته رقم گهرن جي خريداري لاءِ جلد ضلعي انتظاميا کي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا ٻنهي گهرن جي مالڪن کي رقم فراهم ڪندي.
