اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق وزيراعظم عمران خان سان احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن سان ڳالهيون ڪندڙ حڪومتي ٽيم جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙن ۾ شيخ رشيد، پرويز خٽڪ علي محمد خان شامل هئا. وزيراعظم ۽ ڳالهين واري ٽيم کي ناڻي واري وزارت جي عملدارن بريفنگ ڏني ۽ پگهارن ۾ واڌ بابت قومي ناڻي تي پوندڙ وزن کان به تفصيلي آگاهه ڪيو، جڏهن ته ان دوران سرڪاري ملازمن سان طئي ڪيل فارمولي تي به بريفنگ ڏني وئي. ذريعن مطابق وزيراعظم ناڻي واري وزارت جي عملدارن ۽ ڳالهيون ڪندڙ ٽيم جي بريفنگ کانپوءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اهڙي منظوري ڪابينا کان پڻ ورتي ويندي، پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڪابينا کان سرڪوليشن سمري ذريعي ورتي ويندي، جنهن کانپوءِ پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
172