اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ چونڊن لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊول مطابق چئني صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ 3 مارچ تي پولنگ ٿيندي، پولنگ وارو عمل 3 مارچ تي صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندو. اسلام آباد لاءِ اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ظفر اقبال حسين، پنجاب لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر غلام اسرار خان، سنڌ لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ، خيبرپختونخواهه لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله، جڏهن ته بلوچستان لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر محمد رازق ريٽرننگ آفيسر هوندا. چونڊ شيڊول تحت اميدوار 12 فيبروري کان 13 فيبروري تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، اميدوارن جي لسٽ 14 فيبروري تي جاري ڪئي ويندي، اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 15 ۽ 16 فيبروري تي ٿيندي، اميدوارن جا اعتراض 19 ۽ 20 فيبروري تي اڪلايا ويندا، اليڪشن ڪميشن اميدوارن جي نظرثاني ڪيل لسٽ 21 فيبروري تي جاري ڪندي، جڏهن ته سينيٽ چونڊن تان هٿ کڻندڙ اميدوار 22 فيبروري تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا. واضح رهي ته 11 مارچ تي 52 سينيٽر پنهنجو مدو پوري رٽائر ٿي ويندا، جڏهن ته سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊون ٿينديون، اهڙي ريت وڏي ايوان جي ميمبرن جو انگ 100 ٿي ويندو.
195