اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان 2018ع وارين سينيٽ چونڊن جي وڊيو معاملي جي جاچ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان ايم پي ايز پاران پئسا وٺڻ واري وڊيو جي معاملي تي ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير فواد چوڌري، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر شامل آهن. ذريعن مطابق ڪميٽي جاچ ڪندي ته وڊيو ۾ ڪير ڪير ملوث آهن ۽ اهي سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪيون وينديون، ڪميٽي وڊيو ٺاهڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن سان رابطي بابت تجويزون به ڏيندي ۽ ملوث ماڻهن خلاف فوجداري ڪارروائي جي امڪان بابت سفارشون پڻ جمع ڪرائيندي، جڏهن ته ڪميٽي ملوث ماڻهن خلاف ڪيس نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن کي به اماڻڻ تي غور ڪندي.
164