ڀرياروڊ (ن سوڀ) ڀرياروڊ ريلوي اسٽيشن تي ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ ٽرين ھزارا ايڪسپريس ۾ ڪنڌرا واسي 70 ورھين جو شفيع محمد ملڪ ولد فتح محمد ملڪ ھلندڙ ٽرين ۾ سوار ٿيڻ جي ڪوشش دوران پير ترڪڻ سبب ٽرين ھيٺيان اچي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ريلوي پوليس سخت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڀريا اسپتال کڻائي وئي، جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
