ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) اسلام آباد ۾ ملازمن تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين خلاف سنڌ يونيورسٽي ۾ آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن ايڊمنسٽريشن بلڊنگ آڏو آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي چيئرمين محمد علي گهانگهرو، سيوا اڳواڻن مرتضيٰ بلوچ، مجتبيٰ ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪندي وفاقي حڪومت ۽ اسلام آباد انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پگهارن ۾ واڌ ملازمن جو جائز حق آهي، جنهن معاملي تي احتجاج ڪرڻ تي ملازمن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد ملازمن جا مطالبا پورا ڪري گرفتار وفاقي سرڪاري ملازمن کي آزاد ڪيو وڃي.
263