ليکڪ: شيراز علي سومرو
ڪٿي به جيڪڏهن ڪو تڪرار ٿيندو آهي ته ٻڌندا آهيون ته ڪو نه ڪو اهڙو ماڻهو سامهون اچي ويندو آهي جيڪو ان تڪرار کي ختم ڪرڻ يا ان جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جيئن اڳتي هلي اهو جهيڙو يا تڪرار ماڻهن يا معاشري ۾ بيچيني يا بگاڙ پيدا نه ڪري، اهڙن ماڻهن کي اڄ جي دور جي ٽرم ۾ پيس ميڪر يا امن قائم ڪرڻ وارو چوندا آهن، هن جديد تيز رفتار دور ۾ دنيا گلوبل وليج ٿي چڪي آهي، هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ جي حالتن جون خبرون اسان کي ميڊيا جي مختلف ذريعن وٽان ملن ٿيون، جن جو ماڻهن جي ذهنن تي تمام وڏو اثر ٿيندو آهي، ڇو ته ميڊيا تي ٻڌايل يا ڇپجندڙ خبرون ٻڌندڙ توڙي پڙهندڙ ۽ ڏسندڙ جي ذهنن تي گهرو اثر وجهنديون آهن، ساڳئي نموني سان ڪجهه تڪراري خبرن جي ڪري معاشري ۾ تشدد ۽ تڪرار وارا رويا پيدا ٿي ويندا آهن، جيڪي اڳتي هلي خوني تڪرارن ۽ برادري تڪرارن جي صورت وٺندا آهن ۽ اهڙا جهيڙا بيگناهه انسانن جون حياتيون ٻارڻ جيان ٻاري ڳاري ۽ تباهه ڪري ڇڏيندا آهن، نه صرف ايترو پر قبيلن سميت ملڪن جي وچ ۾ اهڙين خبرن سبب شروع ٿيندڙ جنگيون ۽ جهيڙا ڊگهي وقت تائين هلندا آهن، جن سان هڪ طرف ته انسان موت جو کاڄ بڻجندا آهن ته ٻئي طرف ملڪ توڙي قبيلا معاشي طور تي به تباهه ٿي ويندا آهن، وقت گذرڻ سان گڏ اهڙن تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ امن صحافت جنم ورتو، امن صحافت متحرڪ آهي ۽ تڪرارن جي سببن جي جاچ ۽ حل بابت بحث مباحثو ڪري ٿي، امن صحافت تڪراري رپورٽن کان مٿانهون ٿي ڪم ڪري ٿي ۽ ان صحافت جي اصولن موجب تڪرار ٻن يا ٻن وڌيڪ فردن يا گهڻن جي وچ ۾ به هوندو آهي ۽ اهو تعلق مفاد، مقصدن ۽ ضرورتن جو تعلق هوندو، امن صحافت جو تصور 1973ع ۾ جان گلٽنگ ڏنو، امن صحافت تشدد جا بنيادي ڪارڻ جي پيش ڪري ٿي، جيڪي ماڻهن جي زندگي متاثر ڪندا آهن ۽ اها هر تڪراري پارٽي کي پليٽ فارم مهيا ڪندي آهي، امن صحافي پنهنجي رپورٽن ۽ ان جي نتيجن تي به غور ڪندو آهي ۽ اهڙن لفظن جي چونڊ يا استعمال ڪندو آهي جيئن پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جوش ۾ نه اچي، امن صحافي پنهنجي روزاني جي رپورٽنگ ۾ تخليقي صلاحيتن جي استعمال سان گڏوگڏ عدم تشدد وارن روين بابت سجاڳي پيدا ڪندو آهي، ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ صحافين کي مختلف خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ان ڪري پريس آزادي محدود ٿي ويندي آهي، امن قائم ڪرڻ لاءِ پريس جي آزادي بحال ڪرڻ لازمي آهي، ڇو ته پاڪستان ۾ امن ميڊيا هن وقت تقريبن غير حاضر آهي، ٽي وي جون خبرون ماڻهن کي انٽرٽين ڪن ٿيون، ميڊيا امن ۽ هم آهنگي کي بهتر بڻائڻ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ ڪري سگهي ٿي، ڇو ته ذميوار صحافت سماج جي بهتري جي چاٻي آهي، جيڪڏهن ميڊيا ڪنهن سياسي پارٽي، يا فرد جو هڪ مخصوص نظريو يا ڳالهه ڏسندڙن جي اڳيان پيش ڪندي ته ان تي ٻين جي خلاف نفرت پيدا ٿيندي ۽ معاشرو فرقيواريت ۽ بگاڙ طرف وڌندو، اصل ۾ امن خاطر سڄي دنيا ۾ وڏي تعداد ۾ صحافي ڪم ٿا، پر هتي جهڙن پوئتي پيل معاشرن ۾ اڪثريت غلط طريقي يا ڪنهن فرد کي بليڪ ميل ڪري صرف ۽ صرف ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ کي ڪامياب صحافت چئي ٿي ۽ اهڙي قسم جا صحافي پاڻ کي معاشري ۾ ڪامياب صحافي سمجهندا به آهن، ان ئي چٽاڀيٽي واري معاشي اندر نوان اڀرندڙ صحافي انهن جي ڀيٽ ۾ انهن کان به ٻيڻو غلط ڪم ڪري پاڻ کي اعليٰ صحافي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دنيا اندر صحافت جي نئين سري سان تشريح ڪئي وڃي ۽ سماج اندر پڙهيل لکيل صحافين جي همٿ افزائي ڪئي وڃي. گڏوگڏ اسان کي امن صحافت واري ويزن کي وڌيڪ چٽو ڪرڻو پوندو، جيئن سماج ۽ معاشري جي بهتري ۽ تعمير ٿي سگهي ٿي. ڇو ته هڪ بهتر سماج اڏڻ لاءِ پيس جرنلزم جو هجڻ ضروري آهي.