169

ميرپورخاص سول اسپتال جا مسئلا حل ڪيا وڃن…

ليکڪ: شاهد ڪيھر

ملڪ جي عوام کي صحت ۽ تعليم سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جو ڪم آهي، دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ عوام کي صحت ۽ تعليم جون سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو خاص مسئلو پيش نه ايندو آهي ۽ عوام کي بنا ڪنهن مونجھاري جي هر قسم جو مڪمل علاج مفت فراهم ڪيو ويندو آهي پر پاڪستان ۾وفاقي حڪومت پاران 70 سيڪڙو روينيو ڏيندڙ صوبي سنڌ کي سندس اين ايف سي جو جائز حصو نه ملڻ جي باوجود صوبائي حڪومت عوام لاءِ اين آءِ سي وي ڊي سميت فخر ڪرڻ جهڙا ادار قائم ڪري عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪري رهي آهي، پر سنڌ جي چوٿين وڏي شهر ميرپورخاص جي سول اسپتال انيڪ مسئلن جو شڪار آهي، جنهن ۾ هڪ طرف ته انتظامي نااهلي آهي ۽ ٻئي طرف وري سون جي تعداد ۾ خالي پوسٽون پڻ اهم مسئلو بڻيل آهن، جيتوڻيڪ اسپتال ۾ جديد مشينري، ڪروڙين جي بجيٽ، دوائون ۽ ٻيون سهولتون ملن ٿيون پر ڪجهه دوائون ۽ سهولتون بلڪل به نه آهن، مثال طور هتي ڪتي ڏاڙهيل ۽ نانگ جي ڪکيل کي به علاج نٿو ملي ۽ سهولتون نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي حيدرآباد يا ڪراچي ريفر ڪيو وڃي، ميرپورخاص ۾ حڪومت پاران منظور 262 سينڪشنڊ پوسٽن مان صرف 160 پوسٽن تي ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جون 162 پوسٽون خالي پيل آهن، 20 هين گريڊ جي 5 پوسٽن مان 19 هين گريڊ جي 36 پوسٽن مان 18 ۽ 18 هين گريڊ جي 64 پوسٽ مان 37 خالي آهن، جڏهن ته 17 هين گريڊ جي 87 پوسٽن مان پڻ 33 پوسٽون خالي پيل آهن، جن تي وڏي عرصي کان مقرريون ناهن ٿيون، گائني وارڊ جهڙو اهم شعبو سينيئر گائناڪالاجسٽ کان خالي آهي، چيف ڊينٽل سرجن ايڊيشنل چيف ڊينٽل سرجن، سينيئر انيسٿيٽيسٽ، سينيئر فزيشن، ريڊيولاجسٽ، سينيئر سرجن، سينيئر وومين ميڊيڪل آفيسر، سينيئر اي اين ٽي اسپيشلسٽ، سينيئر آرٿوپيڊڪ سرجن، چيسٽ اسپيشلسٽ، سينئر ڪارڊيولاجسٽ، سينئر پيڊرياٽڪ، ڪارڊيولاجسٽ، ڊائبيٽالوجسٽ، نيورولاجسٽ، آپٿومولوجسٽ، پيڊرياٽريشن، سونولاجسٽ، آر ايم او، سينئر يورولاجسٽ، سرجن، سينئر ايم ايل او، اسسٽنٽ انيسٿيٽيسٽ ۽ ڊائٽيشن سوين ڊاڪٽرن جون پوسٽون خالي پيل آهن جڏهن ته سول اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرن جو وڏو انگ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ موڪلن تي هليا وڃن ٿا. ان کانسواءِ سول اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرن جي هڪ وڏي اڪثريت پنهنجون خانگي ڪلينڪون هلائڻ سان گڏ خانگي اسپتالن ۾ پڻ ڊيوٽيون ڪن ٿا جنهن ڪري سول اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي سندن خانگي ڪلينڪن ۽ خانگي ميڊيڪل سينٽرن تي علاج ڪرائڻ تي مجبور ڪرڻ جون شڪايتون عام آهن ۽ انهن الزامن جون ڪيترا ئي ڀيرا جاچ لاءِ ڪاميٽيون ٺاهيون ويون جنهن ۾ شڪايتن کي درست قرار ڏنو ويو پر ڪنهن به ملوث ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪارروائي نظر نه آئي آهي، خالي پوسٽن تي ڀرتي لاءِ اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ آگاهي ڏني وئي آهي ته اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي کوٽ سميت گائني جهڙو اهم شعبو سينيئر گائناڪولوجسٽ بنا هلي رهيو آهي ۽ گائني جي شعبي ۾ ٽرينڊ وومين ميڊيڪل آفيسر مقرر آهن ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب ايمرجنسي جي صورتحال ۾ پڻ سخت پريشانيون پيش اچن ٿيون ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ جي ڪري مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش اچن ٿيون انهي ڪري انهن خالي پيل  پوسٽن تي جلد اسپيشلٽ ڊاڪٽرن سميت ميڊيڪل آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي جي قلعي هجڻ جي سڃاڻ رکندڙ شهر جي عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرائڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، صوبائي وزير صحت سيڪريٽري صحت کي پنهنجو ڪرداري ادا ڪندي سول اسپتال ميرپورخاص ۾ خالي جايون ڀري مريضن کي علاج جون سهولتون ۽ دوائون فراهم ڪرائڻ گهرجن ته جيئن عوام کي ٻين شهر جيان اين آءِ سي وي ڊي جي سينٽرن سميت صحت جون بهتر سهولتون فراهم ٿي سگھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو