133

اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن تي ٿيل بدترين تشدد…

ايڊيٽوريل

ملڪ جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ پگهارن ۾ واڌ لاءِ احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن تي پوليس بدترين تشدد ڪندي پراڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ملازمن مٿان گهڻي دير تائين رهندڙ خطرناڪ ڳوڙها گئس جو به استعمال ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيترن ئي ڏينهن کان اسلام آباد ۾ پگهارن ۾ واڌ واري جائز حق لاءِ احتجاج ڪندڙ مظاهرين ڊي چوڪ ۾ لڳايل ڪنٽينر پار ڪري پارليامينٽ هائوس طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊي چوڪ تي پوليس سندن مٿان لاٺي چارج ڪندي خطرناڪ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو وسڪارو لائي ڏنو، ان دوران چڪرين ۾ 50 کان وڌيڪ ملازم گرفتار پڻ ڪيا ويا، چڪرين دوران ڊي چوڪ ۽ چائنا چوڪ وارو علائقو سڄو ڏينهن جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، جڏهن ته پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مظاهرين جي پٿراءُ سان ٻه اهلڪار زخمي ٿيا آهن، ان کان اڳ گذريل ڏينهن سرڪاري ملازمن ۽ وفاقي وزيرن ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ ملازمن پارليامينٽ هائوس طرف مارچ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس انهن مٿان ڪڙڪي پئي، لاٺي چارج دوران ڪيترائي ملازم بيهوش ۽ زخمي پڻ ٿيا آهن، هوڏانهن سرڪاري ملازمن موٽر وي چوڪ 26 نمبر چورنگي تي ٽرئفڪ بلاڪ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب چورنگي نمبر 26 سان گڏوگڏ سرينگر شاهراهه تي گاڏين جون ڊگهيون لائينون لڳي ويون آهن، ملازمن تي بيرحماڻي تشدد جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي گرفتار ڪيل ملازمن کي آزاد ڪري سندن جائز حق ڏنا وڃن، هنن چيو ته ملازمن تي بي رحماڻو تشدد سراسر ناجائزي آهي، حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي ايتري ته وڌائي ڇڏي آهي جو هاڻ ماڻهن جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي چڪو آهي، جڏهن ته (ن) ليگ جي نائب صدر مريم نواز پڻ ملازمن مٿان بي رحماڻي تشدد جي نندا ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ملازمن مٿان تشدد بند ڪري کين جائز حق ڏنو وڃي.

اسان سمجهون ٿا ته موجوده حڪومت عوام کان جمهوري طريقي سان جيئڻ جا سمورا حق کسي ورتا آهن، حڪومت جي لڳ ڀڳ ٽن سالن جي عرصي دوران ملڪ ۾ هزاروڻ تي مهانگائي وڌي آهي، پيٽرول، گئس، بجلي، اٽي، کنڊ، گيهه، دالين، سميت بنيادي ضرورت جي هر شيءِ جي اگهه ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي چڪي آهي، جنهن سبب پورهيت ۽ مزدور طبقي ۾آپگهاتن جو رجحان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چوٽ تي پهتو آهي، جڏهن ته پگهاردار طبقو پڻ سخت پريشان آهي، ڇو ته موجوده حڪومت جي اقتداري مدي دوران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ نه ٿيڻ برابر ٿي آهي، ظاهر آهي ته اهڙي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ پگهارن مان پورت ٿيڻ مشڪل بڻيل آهي، ملڪ ۾ موجوده حڪومت جي دور ۾ ڪرپشن وڌڻ وارين خبرن جو به مهانگائي ۽ وسيلن جي محدود ٿيڻ سان سڌو سنئون تعلق آهي، پر خبر نه آهي ته ڇو حڪمرانن اقتدار تي ويهڻ بعد ٻڌڻ جي صلاحيت ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ هر ڳالهه تي انا ۽ ضد سبب ملڪ ڏينهون ڏينهن بحرانن جي ور چڙهي رهيو آهي، هڪ طرف حڪومت صوبن جا فنڊ ڪٽي انهن کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف پنهنجا خرچ ايترا وڌائي ڇڏيا آهن جو فنڊ ڪٽڻ باوجود ملازمن جي پگهار به نٿي وڌائي وڃي، اسان سمجهون ٿا ته هاڻ ظلم جي انتها ٿي چڪي آهي ۽ ان کان اڳ جو سرڪاري ملازمن وانگر عام ماڻهو به حڪومت خلاف صفون ٻڌي روڊن تي اچن حڪومت کي واپس عوام طرف اچڻ گهرجي ۽ انهن کي رليف ڏيڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو