اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ن ليگ قائد ميان نواز شريف سان فون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي فون ڪري ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ذريعن مطابق پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي نواز شريف سان ٿيل صلاح مشورن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي جهاز ۾ سوار ماڻهن جي لينڊنگ شروع ٿي وئي آهي، اسان کي ڪرپٽ ۽ چور سڏيندڙ عمران خان پنهنجا ماڻهو چور نڪتا آهن.
168