179

تحريڪ لبيڪ ڊيڊلائين ۾ 20 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ڊيڊ لائين ۾ 20 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومتي ٽيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ڪيون، جنهن کانپوءِ حڪومت جو تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان معاهدو ٿي ويو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان ڊيڊ لائين ۾ 20 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ معاهدي تحت 20 اپريل تائين اسان سندن مطالبا پارليامينٽ آڏو رکنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو