239

جروار ۾ حددخلين جو آزار، لوڊر رڪشائن ۽ وڏي ٽرانسپورٽ سبب روڊ بلاڪ، شهري پريشاني جو شڪار، انتظاميا تحرڪ نه ورتو، احتجاج

جروار (رپورٽ: سڪندر بوزدار) جروار شهر ۾حددخلين ۽ اوور لوڊ گاڏين جي گذرڻ توڙي ٽيڪي موٽرسائيڪل هلائيندڙن جي مين چوڪ تي موٽرسائيڪل بيهارڻ سبب مک چوڪ تي هر وقت ٽريفڪ جام رهي ٿي، اتا گذرندڙ گاڏين جي ڊرائيورن دڪا وڌائيندڙ دڪاندارن ۾ منهن ماري روز جو معمول بڻجي ويئي آهي. جروار پوليس پاران چوڪ تي هڪ پوليس اهلڪار به مقرر آهي، ان ڀاوجود جروار شهر ۾ ڪمند سان ڀريل ٽراليون ٽرڪون بي پرواه ٿي گذرن ٿيون توڙي جو جروار شهر جي چئني طرفن کان باءِ پاس روڊ ٺهيل آهي. ان سلسلي ۾ شهرين ساجد بوزدار، ستيوان داس، اختر ملڪ،  شفاالله لنڊ ۽ ٻين چيو ته ٽريفڪ جي آزار سبب ايمرجنسي ۾ نڪرئو ٿا ته مين چوڪ تي ڪلاڪن ها ڪلاڪ ٽريفڪ ۾ ڦاسي وڃون ٿا ڪمند ڀريل ٽراليون شام جو گزرڻ کپي پهنجي مرضي سان صبح سان گذرن ٿا ٻيو دڪاندارن روڊ طرف دڪا وڌائي روڊ کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، ويتر ڪرائي تي موٽرسائيڪلون هلائيندڙن روڊ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، کين ڪير به چوڻ وارو ناهي هنن ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته جروار شهر مان حددخليون هٽائي عام عام کي پريشانين کان بچايو وڃي، ۽ عوام کي سهولت ميسر ڪئي وڃي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو